اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته شاعر ۽ اديب معاشري جي تعمير ۽ جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جڏهن ته ادبي تقريبون معاشري جي فڪري ۽ تهذيبي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿيون. هو جمعي ڏينهن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ مزاح نگار ڊاڪٽر انعام الحق جاويد جي ڪلياتِ مزاحيه شاعريءَ جي مهورتي تقريب کي …
شاعر ۽ اديب معاشري جي تعمير ۽ جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته شاعر ۽ اديب معاشري جي تعمير ۽ جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جڏهن ته ادبي تقريبون معاشري جي فڪري ۽ تهذيبي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿيون. هو جمعي ڏينهن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ مزاح نگار ڊاڪٽر انعام الحق جاويد جي ڪلياتِ مزاحيه شاعريءَ جي مهورتي تقريب کي مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جو اهتمام بزمِ ادب اسلام آباد اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ ناليوارن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ قلم ڌڻين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اهڙيون ادبي تقريبون معاشري جي فڪري ۽ تهذيبي بهتري ۽ ادبي شعور کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ زندگيءَ بابت ادب جي تصور کي هٿي ڏين ٿيون. هن ڊاڪٽر انعام الحق جاويد کي سندس ڪتاب جي ڇپائيءَ تي مبارڪون ۽ بزمِ ادب ۽ اڪيڊمي ادبيات کي ادبي تقريب جي بندوبست تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. تقريب جي اعزازي مهمان اڳوڻي آءِ جي پوليس ذوالفقار احمد چيما، ڊاڪٽر انعام الحق جاويد کي منفرد انداز ۽ مزاح نگار قرار ڏيندي چيو ته سندس شاعريءَ ۾ جدت، طنز ۽ معاشرتي مشاهدو نمايان آهي. هن ڊاڪٽر انعام الحق جي انتظامي صلاحيتن کي به ساراهيو.











