ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان چپ تعزيه جلوس دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جا حڪم جاري

لارڪاڻو -21 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ضلعي پوليس لاڙڪاڻي ۾ چپ تعزيه جلوس جي موقعي تي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لارڪاڻو احمد چوڌري سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي آرڊر موجب 600 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ جوان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، جن ۾ عورت اهلڪار …

لارڪاڻو -21 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ضلعي پوليس لاڙڪاڻي ۾ چپ تعزيه جلوس جي موقعي تي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لارڪاڻو احمد چوڌري سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي آرڊر موجب 600 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ جوان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، جن ۾ عورت اهلڪار به شامل آهن. سيڪيورٽي آرڊر موجب ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس هيڊ ڪوارٽر لارڪاڻو ۾ اينٽي رائٽ ريز رو پلٽونز کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي. جلوس جي گذرگاهن ۾ ايندڙ بلند عمارتن تي ماهر اسنائيپر جديد دوربينن سميت ڊيوٽي تي مقرر هوندا.سموري صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سي سي ٽي وي ۽ وڊيو رڪارڊنگ کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لارڪاڻو ٽريفڪ پلان جوڙڻ جا پڻ حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن.

مزید خبریں