اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ ٽول پلازه نه پيا لڳائڻ ڏنا وڃ، جيڪو ٽول پلازه ٺاهيو ويندو آهي ان کي باهه ڏني ويندي آهي، ٽول ۽ ڏنڊ جي رقم سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گڏ ٿئي ٿي، ڪراچي باءِ پاس حيدرآباد ايم 10 جي فزيبلٽي بڻجي چڪي آهي پراڻو ايم 9 ايڪسپريس وي طور برقرار رهندو. جمعي ڏينهن …
بلوچستان ۾ ٽول پلازه نه پيا لڳائڻ ڏنا وڃ، جيڪو ٽول پلازه ٺاهيو ويندو آهي ان کي باهه ڏني ويندي آهي، ٽول ۽ ڏنڊ جي رقم سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گڏ ٿئي ٿي، ڪراچي باءِ پاس حيدرآباد ايم 10 جي فزيبلٽي بڻجي چڪي آهي پراڻو ايم 9 ايڪسپريس وي طور برقرار رهندو: وفاقي حڪُومت

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ ٽول پلازه نه پيا لڳائڻ ڏنا وڃ، جيڪو ٽول پلازه ٺاهيو ويندو آهي ان کي باهه ڏني ويندي آهي، ٽول ۽ ڏنڊ جي رقم سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گڏ ٿئي ٿي، ڪراچي باءِ پاس حيدرآباد ايم 10 جي فزيبلٽي بڻجي چڪي آهي پراڻو ايم 9 ايڪسپريس وي طور برقرار رهندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران غزاله انجم جي سوال جي جواب ۾ ايوان کي مواصلات بابت پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر طرفان ٻڌايو ويو ته اين 45 ۾ رنگ روغن ۽ مرمت لاءِ 20 ڪروڙ روپيا مختص ڪي ويا آهن، هي ڪم هن سال جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. عاليه ڪامران جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هن سال ٽول پلازائن ۽ ڏنڊ مان 109 ارب روپيا جمع ٿيا، اها رقم پنجاب ۽ سنڌ مان وڌيڪ جمع ٿي آهي، جتي ٽول پلازائن ۽ ڏنڊ جي رقم جمع ٿيندي آهي اتي ئي لڳائي ويندي آهي، بلوچستان ۾ ٽول پلازا نه پيا لڳائڻ ڏنا وڃن، جتي ٺاهيندا آهيون اتي ساڙيا ويندا آهن، چمن ڪراچي شاهراهه لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته قانون موجب هر ٽن سال بعد ٽول ٽيڪس وڌائڻو هوندو آهي جڏهن ته ڪووڊ سبب 6 سالن تائين ان ۾ اضافو نه ڪيو ويو هاڻي ان کي مرحليوار وڌايو ويو آهي.هن ٻڌايو ته پشاور کان ڪراچي ايم نائين جي حوالي سان شهباز شريف جي هدايت هئي ته ان جي ترجيح بنيادن تي تعمير ڪئي وڃي، هي منصوبو 30 سالن کان التوا جو شڪار ٿيندو پي آيو، اسان انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون، اسان جي علم ۾ آيو ته هي 400 ارب روپين جو منصوبو آهي ان تي ڪو به سيڙپڪار سيڙپڪاري لاءِ تيار نه آهي، پوءِ ان کي 50، 50 ڪلوميٽر جا پنج حصا بڻايا ويا، جن مان هڪ سيڪشن او پي فنڊ، ٻه سيڪشن اسلامي ترقياتي بئنڪ کي ڏنا ويا، وڌيڪ ٻه سيڪشن تي ايف ڊبليو او دلچسپي رکي ٿي، ان تي ٻن مهينن ۾ ڪم شروع ٿي ويندو، 2028ع ۾ ان جي تڪميل ٿي ويندي، هن ٻڌايو ته ڪراچي باءِ پاس حيدرآباد ايم 10 جي فزيبلٽي بڻجي چڪي آهي پراڻو ايم 9 ايڪسپريس وي طور برقرار رهندو.











