عمران خان جي صحت کي ڪو به خطرو ناهي، ان تي سياست نه ڪئي وڃي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته عمران خان جي صحت کي ڪو به خطرو ناهي، هو صحتمند آهي، سندس صحت تي سياست نه ڪئي وڃي، پنهنجي دور ۾ عمران خان شريف ڀائرن سميت سڀني جي بيمارين جو مذاق جلسن ۾ اڏائيندو هو جنهن جون وڊيوز هن ايوان جي اسڪرينن تي ڏيکاري سگهجن ٿيون. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ گوهر علي …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته عمران خان جي صحت کي ڪو به خطرو ناهي، هو صحتمند آهي، سندس صحت تي سياست نه ڪئي وڃي، پنهنجي دور ۾ عمران خان شريف ڀائرن سميت سڀني جي بيمارين جو مذاق جلسن ۾ اڏائيندو هو جنهن جون وڊيوز هن ايوان جي اسڪرينن تي ڏيکاري سگهجن ٿيون. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ گوهر علي خان جي  اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي ڀيڻ جيڪا ڊاڪٽر به آهي ان جي عمران خان  سان ملاقات ٿي آهي، هو ان جي صحت بابت ٻڌائي سگهي ٿي، ان جي ذاتي معالج هن ايوان جي هڪ معزز ميمبر کي ٻڌايو ته عمران خان جي اک جو معاملو هو جيڪو آهستي آهستي هاڻي ٺيڪ ٿي چڪو آهي، سندس صحت کي ڪو به خطرو ناهي، بلڊ پريشر جي دوا هو وٺندو آهي ۽ هر عمر سان گڏ هلندو رهندو آهي، هو روزاني ٽي ڪلاڪ ورزش ڪندو آهي، معمول موجب سٺي خوراڪ وٺندو آهي، سندس صحت تي سياست نه ڪئي وڃي. هن چيو ته آئون جڏهن جيل ۾ هئس ته جناح اسپتال ۾ منهنجي سرجري جي وقت هڪ سائيڪا ٽرسٽ جي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي ته آپريشن جي وڊيو موڪلڻي آهي ته سندس آپريشن ٿيو آهي يا نه. اسان جي بيماري ۽ مشڪلاتن کي اڀاريو ويندو هو. عمران خان کي ڪورٽ جي حڪم تي اسپتال آندو ويو آهي، سندس رپورٽون ڏسي سگهجن ٿيون. سندس صحت جي حوالي سان فڪرمند هجڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي. هن چيو ته سياست هڪ مشڪل ڪم آهي، ان ۾ آزمائشون به اينديون آهن، هن چيو ته ميان نواز شريف جي پليٽليٽس جي گهٽتائي جو مذاق اڏايو ويندو رهيو، سندس تازو ئي جنيوا ۾ ٻه سرجريز ٿيون آهن، عمران خان جون ڪيتريون ئي وڊيوز هتي ڏيکاري سگهجن ٿيون جن ۾ هو سندس بيماري جو مذاق اڏائي رهيو آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۽ ايوان جي سالميت کي هر وقت چئلينج ۾ رکڻ حب الوطني ناهي، اسان جي سڄي قيادت گرفتار هئي ۽ اسان هتي هن ايوان ۾ اچي ڪارروائي جو حصو بڻجندا هئاسين، پنهنجو بزنس اڪلائيندا هئا. اسان ان وقت نه چيو ته اسان جي قيادت قيد ۽ بند آهي ته اسان ايوان جي ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين. ان بنياد تي سسٽم کي داءَ تي نه لڳايو وڃي. هن ملڪ ۾ سياسي معيار ڪڏهن به اعليٰ ناهي رهيو ان لاءِ ٿورو برداشت جو حوصلو پيدا ڪيو وڃي.

مزید خبریں