اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين ناسوٽين بن اسماعيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي پراڻن ڀائراڻي لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ملائيشيا جي گهرو وزير ۽ پارلياماني وفد جو پارليامينٽ هائوس …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملائيشيا جي گهرو وزير جي سربراهي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين ناسوٽين بن اسماعيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي پراڻن ڀائراڻي لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ملائيشيا جي گهرو وزير ۽ پارلياماني وفد جو پارليامينٽ هائوس آمد تي آجيان ڪئي. سردار اياز صادق پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گرپس گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪريس گهن ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ڪاروباري رابطن ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي عوام وچ ۾ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. اسپيڪر چيو ته مسلم ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ گڏيل تعاون مسلم دنيا جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. مسلمان امت جو اتحاد مسلم ملڪن جي گڏيل مفادن، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن کي ترجيح ڏي ٿو. 2025ع جي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪستان تحمل ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه امن کي ترجيح ڏني، جڏهن ته ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران دفاعي صلاحيت ۽ ذميوراڻي طرز عمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ته افغان سرزمين تان اسان جي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ ڳڻتي جو سبب آهي، هن جو چوڻ هو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سمورن ملڪن کي ذميواري جو مظاهرو ۽سفارتي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. ملائيشيا جي گهرو وزير ميزباني ۽ شاندار استقبال تي وفد طرفان ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان خوبصورت ملڪ ۽ اسلام آباد دنيا جي خوبصورت شهرن مان هڪ آهي. هن چيو ته دنيا کي تڪرارن بدران سفارتي ڪوششن ۽ ڳالهين ذريعي امن قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ عوامي، پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن تي اتفاق ڪيو.











