اسلام اباد-21 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس ان ٽيچر ايجوڪيشن جو دؤرو ڪيو ۽ اداري جي سرگرمين، استادن جي تربيت ۽ تعليمي معيار جي بهتري لاءِ جاري قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته تعليم ڪنهن قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. هر قوم جي بنيادي …
پروفيسر احسن اقبال پاران نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس ان ٽيچر ايجوڪيشن جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام اباد-21 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس ان ٽيچر ايجوڪيشن جو دؤرو ڪيو ۽ اداري جي سرگرمين، استادن جي تربيت ۽ تعليمي معيار جي بهتري لاءِ جاري قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته تعليم ڪنهن قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. هر قوم جي بنيادي ضرورت آهي ته هو پنهنجي نوجوان نسل کي بهترين علم سان تيار ڪري ۽ انهن ۾ پيداواري صلاحيت پيدا ڪري. احسن اقبال چيو ته 2013ع کان 2018ع دوران تعليم واري وزارت کي نصاب، امتحاني نظام ۽ استادن جي تربيت ۾ سڌارن لاءِ چار اهم منصوبا ڏنا ويا هئا. اڄ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس اِن ٽيچر ايجوڪيشن کي ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، اها رٿابندي واري وزارت جو لڳايل ٻوٽو آهي جيڪو اڄ وڌي وڻ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسان جو نصاب ان ئي وقت مؤثر ۽ بهترين ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان جا استاد جديد دؤر جي گهرجن ۽ تدريسي طريقن سان هم آهنگ هجن. استاد فقط نوڪري نه پر هڪ مشن ۽ معاشري سازيءَ جو ذريعو آهن. هن چيو ته پاڪستان کي ڪٽ اينڊ پيسٽ ناليج جي ڪلچر مان نڪري شاگردن ۾ تخليقي ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻي پوندي. اسان جو مقصد صرف ڪتاب پڙهڻ واري نسل تيار ڪرڻ ناهي پر اسان کي ڪتاب پڙهڻ کان صاحبِ ڪتاب نسل تيار ڪرڻي آهي. احسن اقبال چيو ته جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم سان گڏ نئين نسل کي پنهنجي قومي سُڃاڻپ، تهذيب ۽ـ ثقافت سان به روشناس ڪرائڻ ضروري آهي. اسان کي ايندڙ نسلن کي پاڪستان جو بااعتماد سفير بڻائڻ آهي. هن چيو ته تحقيق جو سفر ڪلاس روم مان شاهديون، شاهدين سان پاليسي ۽ پاليسي سان ٻيهر بهتر تدريسي عمل تائين هئڻ گهرجي. تحقيق جي اصل اهميت ان ۾ آهي ته هو تعليم جي حقيقي مسئلن جي نشاندهي ۽ ان جي مؤثر حل ۾ ڪنهن حد تائين مددگار ثابت ٿئي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس اِن ٽيچر اهڙو مرڪز بڻجي سگهي ٿو جتي ڪلاس روم مان سامهون ايندڙ سوالن جو منظم ۽ سائنسي انداز ۾ جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان جو مقصد صرف تعليم جي دائره ڪار کي هٿي ڏيڻ ناهي پر اهڙو انساني سرمايو تيار ڪرڻ آهي جيڪو پاڪستان کي پيداواري، چٽاڀيٽي ۽ علم تي ٻَڌل معيشت ۾ تبديل ڪري سگهي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو اهڙو اسٽيٽ آف دي آرٽ ٽيچر ٽريننگ سينٽر بنائڻ چاهيون ٿا جيڪو ڏکڻ ايشيا جو بهترين ادارو هجي ۽ نه صرف پاڪستان پر دنيا لاءِ رول ماڊل بڻجي.











