دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ خاندانن جو ڏک برداشت جوڳو نه آهي ، شهيدن جون قربانيون هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون : ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

 اسلام آباد _ 21 آگسٽ (اي پي پي )  پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري دهشتگردي جو  شڪار سمورن بي گناهه انسانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وحشت جو نشانو بڻجندڙ سمورن ماڻهن جي خاندانن جو ڏک برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي . شهيدن جون قربانيون هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون . جمعي ڏينهن دهشتگردي جي متاثرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي …

 اسلام آباد _ 21 آگسٽ (اي پي پي )  پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري دهشتگردي جو  شڪار سمورن بي گناهه انسانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وحشت جو نشانو بڻجندڙ سمورن ماڻهن جي خاندانن جو ڏک برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي . شهيدن جون قربانيون هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون . جمعي ڏينهن دهشتگردي جي متاثرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي ويب سائيٽ  ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن جو ڏک برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي . شهيدن جون قربانيون هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون . هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، جنهن دوران بي شمار قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن . اسان جي هٿيار بند فوج ، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عام شهرين جون قربانيون ان عزم جو ثبوت آهن ته پاڪستاني قوم دهشتگردي سامهون ڪڏهن ڪنڌ ناهي جهڪايو . هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي ڪنهن به مذهب ، قوم يا خطي جي نمائندگي ناهي ڪندي ، عالمي برادري سان گڏجي انتها پسندي ، دهشتگردي ۽ ان جي معاون نيٽ ورڪ خلاف موثر ۽ ڪاروائي ڪرڻي پوندي . وفاقي وزير چيو ته متاثرن ۽ شهيدن  جي ڪٽنبن سان انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پرامن ، محفوظ ۽ دهشتگردي کان پاڪ دنيا اسان جو گڏيل مقصد هجڻ گهرجي.

مزید خبریں