ڪراچي -21 آگسٽ (اي پي پي) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻي سنڌ اي اسپورٽس چيمپئن شپ جي شروعات 24 آگسٽ کان ٿيندي، جنهن ۾ پوري سنڌ مان هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيمون …
سنڌ حڪومت صوبي جي نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
ڪراچي -21 آگسٽ (اي پي پي) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻي سنڌ اي اسپورٽس چيمپئن شپ جي شروعات 24 آگسٽ کان ٿيندي، جنهن ۾ پوري سنڌ مان هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيمون شرڪت ڪنديون. اهڙو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ۽ راندين واري ڊائريڪٽر اسد اسحاق شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ اسپورٽس پاليسي سميت راندين واري کاتي بابت مختلف معاملن تي صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته ٻي سنڌ اي اسپورٽس چيمپئن شپ جو باقاعده افتتاح 24 آگسٽ تي لياقت لائبريريءَ ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته چيمپئن شپ جا مقابلا آڪٽوبر جي پهرئين هفتي تائين جاري رهندا. هن ٻڌايو ته سنڌ اي اسپورٽس چيمپئن شپ جا آن لائن مقابلا مختلف مرحلن ۾ منعقد ٿيندا، جنهن ۾ پوري سنڌ مان نوجوان ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺنديون. چيمپئن شپ جي فائنل جي موقعي تي باقاعده پڄاڻي تقريب به منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ فاتح ٽيمن ۾ گڏيل طور تي 30 لک رپين جي انعامي رقم ورھائي ويندي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي راندين ۽ مثبت سرگرمين لاءِ وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اي اسپورٽس به نوجوانن جي صلاحيتن جي اظهار ۽ کين جديد دور جي راندين سان جوڙڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. سردار محمد بخش مهر چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مثبت سرگرمين ۾ استعمال ڪن ۽ اي اسپورٽس ذريعي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪن.هن چيو ته سنڌ جا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ حڪومت کين پنهنجون صلاحيتون اُجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن پليٽفارم فراهم ڪندي.











