اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن ٻطرفي تعاون جي موجوده مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي وڌيڪ وڌائڻ خاص طور تي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور بن ابراهيم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور بن ابراهيم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي تعاون جي موجوده مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن ٻطرفي تعاون جي موجوده مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي وڌيڪ وڌائڻ خاص طور تي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور بن ابراهيم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر انور ابراهيم جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ خاص طور تي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي صورتحال خاص طور تي نار جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. ڊاڪٽر انور ابراهيم پاڪستان جي علائقائي امن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ساراهه جوڳي ڪوششن، قيادت ۽ رهنمائي تي ٿورن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مسلسل حمايت تي پنهنجي ملائيشين هم منصب جا ٿورا ادا ڪيا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان امن جي فروغ جي لاءِ ملائيشيا سميت ڀائر ۽ دوست ملڪن سان ويجهو تعاون جاري رکندو، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. ٻنهي اڳواڻن ويجهي مستقبل ۾ گڏيل طور تي موزون موقعي تي ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم ڊاڪٽر انور ابراهيم کي پنهنجي سهولت موجب جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ورجائي.











