ماهيگيري جي شعبي ۾ 10 بلين ڊالرن جي صلاحيت مان فائدي لاءِ پاليسي تي ڪم جاري آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته قومي فشريز اينڊ ايڪوا ڪلچر پاليسي تي ڪم جاري آهي، جنهن جو مقصد جديد گهرجن، موثر پاليسين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي ذريعي ماهيگيري جي شعبي جي صلاحيت مان فائدو کڻي ساليانو 10 ارب ڊالرن تائين جي آمدني حاصل ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ۽ سندس ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي، اڳڀرائي ۽ ڪاميابين جو …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته قومي فشريز اينڊ ايڪوا ڪلچر پاليسي تي ڪم جاري آهي، جنهن جو مقصد جديد گهرجن، موثر پاليسين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي ذريعي ماهيگيري جي شعبي جي صلاحيت مان فائدو کڻي ساليانو 10 ارب ڊالرن تائين جي آمدني حاصل ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ۽ سندس ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي، اڳڀرائي ۽ ڪاميابين جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي وزير سامونڊي شعبي ۾ ڪاروابر لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته طريقيڪار کي سادو بڻايو وڃي ۽ ڪاروباري برادري سميت لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان بامعنيٰ مشاورت يقيني بڻائي وڃي. هن وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن کي هدايت ڪئي ته سامونڊي اقتصادي سرگرمين بابت پاليسين ۽ قدمن ۾ لاڳاپيل شعبن جي راين ۽ سفارشن کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خدمت مرڪز جي طرز تي ون ونڊو آپريشن جي قيام لاءِ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، ان سهولت ذريعي ڪاروباري برادري کي مختلف سرڪاري خدمتون هڪ ئي پليٽ فارم تي دستياب هونديون جنهن سان سيڙپڪارن ۽ سامونڊي شعبي سان لاڳاپيل ڪاروباري ادارن لاءِ سهولت پيدا ٿيندي. محمد جنيد انوار چوڌري گوادر پورٽ تي 100 ايڪڙ زمين تي آف ڊاڪ ٽرمينل جي قيام جو به جائزو ورتو. هن چيو ته هي منصوبو وچ ايشيائي رياستن سان واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي لاجسٽڪس رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. ٽرمينل کان ڪارگو هينڊلنگ ۽ لاجسٽڪس سهولتون بهتر ٿيڻ سان گڏ گوادر جي وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ گيٽ وي جي حيثيت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي حياتياتي واڌ ويجهه ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ لاءِ عالمي ماحولياتي سهولت (جي اي ايف) جي تعاون سان 30 لک ڊالرن جو منصوبو به جاري آهي. منصوبي ۾ حياتياتي واڌ ويجهه جي تحفظ ۽ ماحول دوست ماهيگيري جي طريقن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي شعبي جي معاشي ترقي ماحولياتي تحفظ، خاص ڪري سامونڊي ۽ مونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ سان گڏ مربوط هجڻ گهرجي. هن قبضا ختم ڪرايل بندرگاهه جي زمين جي استعمال لاءِ جامع منصوبو بڻائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ان زمين جي موثر استعمال سان اضافي معاشي وسيلا پيدا ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي بليو اڪانومي کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. اجلاس ۾ جاري مختلف منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، وفاقي وزير لاڳاپيل عملدارن کي منصوبن جي وقت سر تڪميل ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ رابطاڪاري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں