الڪوثر يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جو بدين ضلع جي ساحلي پٽي جو دورو، تمر جي ٻوٽن جي پوکائي واري مهم ۾ حصو ورتو

بدين- 20 آگسٽ (اي پي پي) الڪوثر يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن بدين ضلع جي ساحلي پٽي جو دورو ڪندي ھمدم فائونڊيشن پاران تمر جي ٻوٽن جي پوکائي واري مهم ۾ حصو ورتو، الڪوثر يونيورسٽي ڪراچي جي 50 شاگردن جي هڪ وفد ھمدم فائونڊيشن جي دعوت تي بدين جي ساحلي پٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن فائونڊيشن پاران هنيل تمر جي ٻوٽن جو مشاهدو ڪيو ۽ گهري دلچسپي جو …

بدين- 20 آگسٽ (اي پي پي) الڪوثر يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن بدين ضلع جي ساحلي پٽي جو دورو ڪندي ھمدم فائونڊيشن پاران تمر جي ٻوٽن جي پوکائي واري مهم ۾ حصو ورتو، الڪوثر يونيورسٽي ڪراچي جي 50 شاگردن جي هڪ وفد ھمدم فائونڊيشن جي دعوت تي بدين جي ساحلي پٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن فائونڊيشن پاران هنيل تمر جي ٻوٽن جو مشاهدو ڪيو ۽ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد جي شاگردن عملي طور تي تمر جو ٻڄ پوکي مهم ۾ حصو ورتو ۽ ماحول دوست سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ سروسز ڊاڪٽر شاهد رضا مير ڪري رهي هئي، جڏهن ته ٻين ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز (عورت) مس حنا طارق، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز (مرد) محمد دانيال جاويد ۽ ٻيا استاد شامل هئا. ان موقعي تي، ھمدم فائونڊيشن جي سي اي او شوڪت علي سومرو شاگردن کي تمر جي اهميت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تمر نه رڳو زمين کي سمنڊ جي پاڻي جي کاڄ کان بچائيندا آهن پر گانگٽ، سيانتن ۽ ٻين سامونڊي زندگين جي تحفظ ۽ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، هِن چيو ته نوجوان نسل کي ماحولياتي تحفظ ۽ وڻ پوکڻ جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ همدم فائونڊيشن ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هِن چيو ته همدم فائونڊيشن جُون ماحول دوست قدمن ۽ ساحلي علائقن جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري آهن. تنظيم نوجوان نسل کي وڻ پوکڻ ۽ ماحولياتي تحفظ جي سرگرمين ۾ شامل ڪري هڪ پائيدار مستقبل جي بنياد رکي رهي آهي.ان موقعي تي ايم بي خاصخيلي، پير تاج الدين راشدي ۽ نديم خاور پڻ شاگردن سان گڏ وڻ پوکڻ جي مهم ۾ حصو ورتو.

مزید خبریں