بدين ۾ 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جا سمورا انتظام مڪمل، هڪ لک 7 ھزار ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ لاءِ بوسٽر ڊوز جيٽ انجيڪٽر ذريعي ڏنا ويندا

بدين- 20 آگسٽ (اي پي پي) بدين ۾ 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ضلعي جي 10 يونين ڪائونسلن ۾ 4 مهينن کان 10 سال تائين جي هڪ لک 7 ھزار ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ لاءِ بوسٽر ڊوز جيٽ انجيڪٽر ذريعي ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن …

بدين- 20 آگسٽ (اي پي پي) بدين ۾ 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ضلعي جي 10 يونين ڪائونسلن ۾ 4 مهينن کان 10 سال تائين جي هڪ لک 7 ھزار ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ لاءِ بوسٽر ڊوز جيٽ انجيڪٽر ذريعي ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ ۽ لاعلاج بيماري آهي، جيڪا ٻار جي زندگي کي سدائين لاءِ معذوري ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي، تنهن ڪري هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا ۽ مقرر ڪيل بوسٽر ڊوز ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا صحت کاتي ۽ پوليو ٽيمون مڪمل طور تي متحرڪ آهن، مهم دوران 10 يونين ڪائونسلن ۾ 4 مهينن کان 10 سال تائين جي ٻارڙن کي جديد جيٽ انجيڪٽر ذريعي پوليو ويڪسين جو بوسٽر ڊوز ڏنو ويندو جيٽ انجيڪٽر هڪ جديد طبي اوزار آهي جنهن ذريعي ويڪسين دٻاءَ سان چمڙي جي مٿاڇري ذريعي جسم ۾ پهچائي ويندي آهي، جنهن ۾ روايتي سوئي جي ضرورت نه هوندي ۽ ٻار کي عام طور تي سور يا سوئي لڳڻ جو خوف محسوس نه ٿيندو، هن طريقي سان ٻارڙن کي محفوظ تيز ۽ موثر انداز ۾ ويڪسين فراهم ڪري سگهجي ٿي، ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو وائرس ٻار جي اعصابي نظام کي متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ هٿن يا پيرن ۾ زندگي ڀر جي فالج معذوري پيدا ٿي سگهي ٿي، پوليو کان بچاءَ جو واحد موثر ذريعو حفاظتي ويڪسين آهي ان ڪري والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارڙن کي هر پوليو مهم دوران ويڪسين ضرور ڪرائين ۽ پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ٽيمون جڏهن سندن علائقن، گهرن، اسڪولن يا ٻين هنڌن تي پهچن ته ٻارڙن کي بوسٽر ڊوز ضرور ڏيارين ۽ ويڪسين بابت ڪنهن به قسم جي غلط فهمي يا افواهن تي ڌيان نه ڏين. هن چيو ته ٻار کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پوليو ويڪسين ڏيڻ سان ان جي مزاحمت واري قوت وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي ۽ هر مهم ۾ ويڪسين وٺڻ سان پوليو وائرس خلاف ٻار کي وڌيڪ تحفظ فراهم ٿئي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ضلعي جي سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي انتظاميا، استادن ۽ والدين کي پڻ اپيل ڪئي ته پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران صحت کاتي ۽ پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن، اسڪولن ۾ موجود ٻارڙن تائين ٽيمن جي رسائي کي يقيني بڻائين ۽ والدين کي ويڪسين جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪن ته جيئن ڪو به اهل ٻار پوليو کان بچاءَ جي بوسٽر ڊوز کان محروم نه رهي، هن لاڳاپيل آفيسرن ۽ پوليو ٽيمن کي هدايت ڪئي ته مهم دوران مقرر ڪيل علائقن ۾ هر اهل ٻار تائين رسائي يقيني بڻائي وڃي ۽ والدين کي پوليو جي نقصانن ۽ ويڪسين جي فائدن بابت آگاهي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو کان پاڪ بدين ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان لاءِ حڪومت، صحت کاتي، والدين، اسڪول انتظاميا ۽ معاشري جي هر فرد کي گڏيل ذميواري ادا ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏاھي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر مهم ۾ 4 مهينن کان 10 سالن تائين جي هڪ لک 7 ھزار ٻارڙن لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 205 اسڪل پرسن 180 ٽيمون 6 فڪس سائٽ شامل آهن. اجلاس ۾ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري انور پارابي سميت سڀني لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں