نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ شام جي پرڏيهي وزير اسد حسن الشيباني جُون وفدن جي سطح تي ڳالهيُون

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوري تي آيل شام جي پرڏيهي وزير اسد حسن الشيباني جي پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي ساڻس وفد جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پاران پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي تجديد ڪندي گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوري تي آيل شام جي پرڏيهي وزير اسد حسن الشيباني جي پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي ساڻس وفد جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پاران پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي تجديد ڪندي گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال بشمول فلسطين، گولان جي جبلن، افغانستان، ڏکڻ ايشيا جي صورتحال ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم شام جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. شامي پرڏيهي وزير مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪندي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي ڏس ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون به شامل آهن. ٻنهي طرفن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ مسلسل رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں