سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروايون، 5 دهشتگرد جهنم حوالي

 اسلام آباد_20 آگسٽ (اي پي پي ) سيڪيورٽي فورسز  جي بلوچستان ۾ ڪيل آپريشن ردالفتنه 3 تحت  فتنه الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿيا . سيڪيورٽي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ردالفتنه 3 تحت پنجگور ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي …

 اسلام آباد_20 آگسٽ (اي پي پي ) سيڪيورٽي فورسز  جي بلوچستان ۾ ڪيل آپريشن ردالفتنه 3 تحت  فتنه الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿيا . سيڪيورٽي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ردالفتنه 3 تحت پنجگور ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو . ڪارروائي دوران ڪيترائي دهشتگرد زخمي ٿيا . مارجي ويل دهشتگرد موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ڪرڻ وڃي رهيا هئا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن جي استعمال سان دهشتگردن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو. مارجي ويل دهشتگردن کان ڳري مقدار ۾ جديد هٿيار، گولا بارود هٿ ڪيا ويا آهن. دهشتگردن وٽان 3 گاڏيون، 2 موٽر سائيڪلون، آءِ اي ڊي ڊيوائيس سميت ڪالعدم تنظيم جو جهنڊو به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق مارجي ويل دهشتگرد مقامي ماڻهن کان ڦر لٽ ، ڀتو وٺڻ ، ڀنگ لاءِ اغوا ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپگهاتي حملن جي منصوبه بندي ۾ ملوث هئا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان دهشتگردي  جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون .

مزید خبریں