وزيراعظم پاران پيٽروليم واري وفاقي وزير کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ ٻارڻ جي قيمتن جي حوالي سان عوامي ريليف جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم واري وفاقي وزير کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ ٻارڻ جي قيمتن جي حوالي سان عوامي ريليف جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم واري وفاقي وزير کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ ٻارڻ جي قيمتن جي حوالي سان عوامي ريليف جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر حمزه شهباز پڻ موجود هئا. وزيراعظم پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ آئل ريفائنريز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪراچي وڃي مقامي طور تي تيار ڪيل ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان قدم يقيني بڻائي. هن چيو ته ڊيزل جي مقدار جو گهڻو حصو مقامي ريفائنريز ۾تيار ٿئي ٿو، ان جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پيٽروليم وارو وفاقي وزير پان ريفائنريز سان ڳالهه ٻولهه کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ۽ جيتري قدر ممڪن ٿئي عوام تائين فوري ريليف پهچايو وڃي.