نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى الوداعي جي ملاقات

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اربع ڏينهن نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ محمد يحى جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اربع ڏينهن نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ محمد يحى جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن محمد يحى کي گڏيل قومن جي اداري يونائيٽيڊ نيشنز آفيس فار دي ڪوآرڊينيشن آف هيومينٽرين افيئرز (او سي ايڇ اي) ۾ انساني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ۽ ڊپٽي ايمرجنسي ريليف ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. محمد يحى پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري دوران تعاون ۽ حمايت تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزارت جا ٿورا ادا ڪيا ۽ پنهنجي نئين عهدي تي پڻ پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.