اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي انهن سمورن انساني خدمتگارن ۽ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪي ضرورت جي وقت ماڻهن جي مدد جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏين ٿا. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن …
پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي انساني خدمتگارن ۽ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي انهن سمورن انساني خدمتگارن ۽ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪي ضرورت جي وقت ماڻهن جي مدد جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏين ٿا. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي همدرديءَ، خدمت ۽ آفتن ۽ ٻين هنگامي حالتن کان متاثر ماڻهن سان گڏ بيهڻ جي اهميت جي ياد ڏياري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته هي ان عزم جي ورجاءُ جو موقعو آهي ته اسان گڏيل طور تي ڪمزور ۽ متاثر طبقن جي مدد ۽ انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهون. هن چيو ته پاڪستان کي سخاوت، رضاڪاراڻي خدمتن ۽ معاشرتي خدمت جي پنهنجي پراڻي روايت تي فخر آهي، اهي قدر اسان جي معاشري ۾ مضبوط پاڙون رکن ٿا ۽ مشڪلاتن جي وقت سدائين اسان جي ماڻهن کي متحد ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ آفتن جي حوالي سان اسان جي تجربي ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني عوام جي حوصلي، يڪجهتي ۽ تعاون جي جذبي کي ثابت ڪيو آهي، شهرين وفاقي ۽ صوبائي ادارن سان گڏجي متاثر آبادين جي مدد، امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ان موقعي تي آئون انساني خدمت جي لاءِ سرگرم سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ همدرديءَ، يڪجهتي ۽ انسانيت جي خدمت جي اصولن سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو.










