گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سان گوگل جي سينيئر ڊائريڪٽر جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گوگل جي سينيئر ڊائريڪٽر ڊيوڊ ويلر جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڊجيٽل سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف سوشل ميڊيا جي موثر استعمال، آن لائين مواد جي وقت سر روڪٿام ۽ گڏيل تعاون جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. گوگل پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر ڪائل گارڊنر به وفد ۾ شامل هو.  ملاقات …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گوگل جي سينيئر ڊائريڪٽر ڊيوڊ ويلر جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڊجيٽل سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف سوشل ميڊيا جي موثر استعمال، آن لائين مواد جي وقت سر روڪٿام ۽ گڏيل تعاون جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. گوگل پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر ڪائل گارڊنر به وفد ۾ شامل هو.  ملاقات ۾ مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان محفوظ ۽ پرامن ڊجيٽل ماحول جي قيام لاءِ گوگل سان تعاون ۽ رابطاڪاري وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو جاگرافيائي هنڌ ٻين ملڪن کان مختلف آيه. ان لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارمز کي پاڪستان جي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. دهشتگرد سوشل ميڊيا کي دهشتگردي جي تشهير ۽ خوف ۽ هراس پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، ان لاءِ پاڪستان جي حالتن کي نظر ۾ رکندي سوشل ميڊيا جي انتهائي موثر نگراني اڻٽر آهي. گوگل جي سينئر ڊائريڪٽر ڊيوڊ ويلر  چيو ته گوگل پاڪستان ۾ محفوظ ڊجيٽل ماحول لاءِ حڪومت سان تعاون جاري رکندو. ملاقات ۾ سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليشن اٿارٽي جا ميمبر  ۽ گهرو وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري ثنا الله به موجود هئا.