ميٽا ۽ پاڪستان جي ننڍن ڪاروباري ادارن جي ڊجيٽل توسيع لاءِ اي آءِ تربيتي پروگرام شروع

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ڪاروباري ترقي، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وزارت ۽ ميٽا جي حصيداري سان ننڍن ڪاروباري ادارن لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. تجويز ڪيل پروگرام تحت ملڪ جي 9 شهرن ۾ هڪ …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ڪاروباري ترقي، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وزارت ۽ ميٽا جي حصيداري سان ننڍن ڪاروباري ادارن لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. تجويز ڪيل پروگرام تحت ملڪ جي 9 شهرن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاروباري ماڻهن  کي مصنوعي ذهانت  ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت تربيت فراهم ڪئي وڃي. جنهن جو مقصد ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي ڊجيٽل معيشت سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي آن لائين ڪاروباري سگهه ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اهو تربيتي پروگرام ميٽا جي ايشيا پيسيفڪ خطي جي 12 ملڪن تي ٻڌل سمال بزنس ٽريننگ پروگرام جو حصو آهي. پروگرام ذريعي ڪاروباري ماڻهن کي اي آءِ ٽولز، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال ذريعي پنهنجي ڪاروبار کي وسعت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. آءِ ٽي وزارت موجب مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته نجي شعبي ۽ عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان شراڪتداري ذريعي نوجوانن ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن.