اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا سان گڏ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، غذائي تحفظ، زرعي واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ٻنهي زرعي معيشت رکندڙ …
قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ ايٿوپيا جي سفير جي صدارت ۾ اجلاس منعقد، زرعي معيشت رکندڙ ٻڻهي ملڪن وچ ۾ زرعي تعاون جي وسيع امڪانن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا سان گڏ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، غذائي تحفظ، زرعي واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ٻنهي زرعي معيشت رکندڙ ملڪن وچ ۾ زرعي تعاون جي وسيع امڪانن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻه طرفه خيرسگالي کي عملي منصوبن، واپاري موقعن ۽ اداره جاتي شراڪتداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. راڻا تنوير حسين زرعي تحقيق، جديد زرعي ٽيڪنالاجي، زرعي مشينري، آبپاشي، لائيو اسٽاڪ جي ترقي ۽ زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن شعبن ۾ پاڪستان جي مهارت کي اجاگر ڪندي چيو تهپ اڪستان ايٿوپيا سان پنهنجا تجربا ۽ فني مهارتون شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ زرعي تحقيق، فصلن جي پيداوار ۾ اضافي، ٻجن جي ترقي، موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ، زراعت، آبپاشي، زرعي ميڪنائيزيشن ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي نمايان طور وسعت ڏئي سگهجي ٿي. هنخ اص ڪري ايٿوپيا ۾ پاڪستاني زرعي مشينري، ٽريڪٽرز، آبپاشي جي جديد حل ۽ زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن بابت مهارت کي هٿي وٺائڻ جي موقعن تي زور ڀريو. ٻنهي طرفان لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جانورن جي افزائش، نسل، ويٽرنري خدمتون، بيمارين جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول، ڊيري ۽ گوشت جي پيداوار، جانورن جي خوراڪ ۽ خوراڪ جي ترقي ۽ جديد لائيو اسٽاڪ ويليو چينز ۾ تعاون تي به ڳالهيون ڪيون. ايٿو پيا جي سفير ڊاڪٽر اومر حسين اوبا زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي جي تعريف ڪئي ۽ ايٿوپيا ۾ زرعي جنسن ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن زراعت، لائيو اسٽاڪ، واپار، ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪ جي آمادگي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته رڳو عام دلچسپي جي اظهار بدران نتيجن تي ٻڌل تعاون طرف اڳڀرائي ڪئي وڃي، جنهن ۾ مخصوص منصوبن، فني تعاون، نجي شعبن جي شراڪتداري ۽ زرعي واپار کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ زرعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ زرراعت، لائيو اسٽاڪ، غذائي تحفظ ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ گڏيل مفادن جا نوان موقعا ڳولهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











