اليڪشن ڪميشن پاران بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو مان نواب چنگيز خان مري جي ڪاميابي معطل، 4 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو نوٽيفڪيشن واپس

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو مان نواب چنگيز خان مري جي ڪاميابي معطلي ڪندي 4 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 12 آگسٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ٽربيونل جي 29 جولاءِ واري فيصلي کان پوءِ نواب چنگيز خان مري جي …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو مان نواب چنگيز خان مري جي ڪاميابي معطلي ڪندي 4 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 12 آگسٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ٽربيونل جي 29 جولاءِ واري فيصلي کان پوءِ نواب چنگيز خان مري جي ڪاميابي جي معطلي ۽ 4 پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ جو پنهنجو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي وڌيڪ حڪمن تائين کيس ايم پي اي طور بحال ڪيو ويو آهي.