سيڪريٽري پاور ڊويزن جي صدارت ۾ اجلاس، سرڪاري بجلي ڪنيڪشنز تي ڊسڪوز جي اي ايم آءِ ميٽرز لڳائڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سيڪريٽري پاور ڊويزن ڊاڪٽر فخر عالم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي ملڪيت هيٺ بجلي ڪنڪشنز تي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي ايڊوانسڊ ميٽرنگ انفراسٽرڪچر (اي ايم آءِ) ميٽرز لڳائڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي سمورن ڊسٽري …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سيڪريٽري پاور ڊويزن ڊاڪٽر فخر عالم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي ملڪيت هيٺ بجلي ڪنڪشنز تي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي ايڊوانسڊ ميٽرنگ انفراسٽرڪچر (اي ايم آءِ) ميٽرز لڳائڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي سمورن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين سرڪاري عمارتن ۽ ٻين ٺڪاڻن تي موجود روايتي بجلي ميٽرز جي جاءِ تي ايم ايم آءِ ميٽرز لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد بجلي  جي بلنگ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن واجب الاد بجلي جي بلن بابت گهڻي وقت کان موجود مفاهمتي ۽ فيصلي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2026ع جي پڄاڻي تائين سرڪاري بجيل ڪنڪشنز مان 90 سيڪڙو کي اي ايم آءِ ميٽرز تي منتقل ڪيو ويندو. سيڪريٽري پاور ڊويزن سمورن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مقرر وقت اندر سرڪاري بجلي ميٽرز جي 100 سيڪڙو اي ايم آءِ ميٽرز سان تبديلي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.