حيدرآباد - 19 آگسٽ (اي پي پي)حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن جي حوالي سان 11 ۽ 12 ربيع الاول 1448 هجري تي حيدرآباد شهر جي حدن اندر وڏين ۽ ڳرين گاڏين جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پاران جاري ڪيل حڪم نامي موجب، شهر جي حدن اندر خاص طور تي جلوسن جي وقت ڳرين گاڏين جي اچ وڃ سبب روڊن …
ڊي سي حيدرآباد پاران 11 ۽ 12 ربيع الاول تي حيدرآباد شهر جي حدن اندر وڏين ۽ ڳرين گاڏين جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو

مزید خبریں
حيدرآباد – 19 آگسٽ (اي پي پي)حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن جي حوالي سان 11 ۽ 12 ربيع الاول 1448 هجري تي حيدرآباد شهر جي حدن اندر وڏين ۽ ڳرين گاڏين جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پاران جاري ڪيل حڪم نامي موجب، شهر جي حدن اندر خاص طور تي جلوسن جي وقت ڳرين گاڏين جي اچ وڃ سبب روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ، شديد رش پيدا ٿيڻ ۽ شهرين لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.اها پابندي عوام جي حفاظت، سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ مذهبي تقريبن دوران ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي.











