ٽنڊو ڄام ڀرسان پوليس اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي فرار ٿيندڙ جوابدار گرفتار، دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل

حيدرآباد -19 آگسٽ(اي پي پي)حيدرآباد کان ٽنڊو الهيار ويندڙ روڊ تي ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي حدن ۾ جمال پمپ ڀرسان انچارج آر آر ايف ٽنڊو ڄام پنهنجي عملي سان گڏ چيڪنگ ۾ مصروف هو ته هڪ اڇي رنگ جي شڪي ڪار نمبر BGV-075کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪار ۾ سوار شخص پوليس چيڪنگ کان بچڻ لاءِ ڄاڻي واڻي تيز رفتاري سان گاڏي پوليس اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي …

حيدرآباد -19 آگسٽ(اي پي پي)حيدرآباد کان ٽنڊو الهيار ويندڙ روڊ تي ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي حدن ۾ جمال پمپ ڀرسان انچارج آر آر ايف ٽنڊو ڄام پنهنجي عملي سان گڏ چيڪنگ ۾ مصروف هو ته هڪ اڇي رنگ جي شڪي ڪار نمبر BGV-075کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪار ۾ سوار شخص پوليس چيڪنگ کان بچڻ لاءِ ڄاڻي واڻي تيز رفتاري سان گاڏي پوليس اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ انچارج آر آر ايف ٽنڊو ڄام اي ايس آءِ علي رضا بروهي ۽ پوليس ڪانسٽيبل عقيل  زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. اطلاع ملندي ئي پوليس ٻنهي زخمي اهلڪارن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي جوابدار جي گرفتاري لاءِ بروقت ناڪابندي جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تي ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام انسپيڪٽر اياز علي ٻگھيو پنهنجي ٽيم سان گڏ کيسانا موري ڀرسان ڪارروائي ڪندي ڪار سوار جوابدار احسن پٽ عبدالجبار آرائين کي ڄاڻايل گاڏي سميت گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدار شروعاتي جاچ دوران اعتراف ڪيو ته پوليس پاران چيڪنگ لاءِ روڪڻ تي هن ڄاڻي واڻي تيز رفتاري سان گاڏي پوليس اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي هئي. پوليس جوابدار جي گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدار خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت وڌيڪ قانوني ۽ جاچ واري ڪارروائي جاري آهي.