روم-19 آگسٽ(اي پي پي)گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ايف اي او) سيٽلائيٽ تصويرن جي تجزيي جو حوالو ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ رڳو ٽي سيڪڙو زرعي زمين رسائي جوڳي ۽ نقصان کان محفوظ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2025ع ۾ جنگ بندي لاڳو ٿي تڏهن کان رسائي جوڳي ۽ غير تباهه ٿيل فصلن جي ايراضي 601 هيڪٽرز مان گهٽجي 448 هيڪٽرز ٿي وئي آهي. جيڪا پهرين جي ڀيٽ ۾ 25.5 سيڪڙو گهٽ آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف …
غزه جي رڳو 3 سيڪڙو زرعي زمين رسائي جوڳي ۽ ۽ نقصان کان محفوظ آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
روم-19 آگسٽ(اي پي پي)گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ايف اي او) سيٽلائيٽ تصويرن جي تجزيي جو حوالو ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ رڳو ٽي سيڪڙو زرعي زمين رسائي جوڳي ۽ نقصان کان محفوظ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2025ع ۾ جنگ بندي لاڳو ٿي تڏهن کان رسائي جوڳي ۽ غير تباهه ٿيل فصلن جي ايراضي 601 هيڪٽرز مان گهٽجي 448 هيڪٽرز ٿي وئي آهي. جيڪا پهرين جي ڀيٽ ۾ 25.5 سيڪڙو گهٽ آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) چيو آهي ته وڌيڪ 3،643 هيڪٽزمين رسائي جي قابل آهي ان کي ايترو وڌيڪ نقصان پهتو آهي جو بحالي بنا پوک ممڪن ناهي. اداري جي هنگامي حالتن واري ڊائريڪٽر رين پالسن چيو ته محفوظ رسائي بحال ڪرڻ ۽ هارين کي ان جي ضرورت موجب مدد فراهم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ بنا مقامي خوراڪ جي پيداوار بحال ڪرڻ جا موقعا محدود ٿي ويندا ۽ چوپايو مال پاليندڙ ماڻهو به جانورن جي خوراڪ ۽ دوائون حاصل ڪرڻ لاءِ مشڪلاتن جو شڪار آهن . ايف اي او چيو ته جنگ بندي جي علائقي کي اسرائيلي فوج جي قبضي هيٺ علائقي کان الڳ ڪرڻ واري سائي لڪير اولهه طرف پکيڙ کي گهٽ رسائي جي وضاحت جو بنيادي سبب قرار ڏئي سگهجي ٿو. ايف اي او موجب آڪٽوبر 2023 ع کان اڳ غزه جي معيشت ۾ زراعت جو حصو 10 سيڪڙو هيو. اها ايراضي 560000 کان وڌيڪ ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪندي هئي.











