چين جو چانگ اي – 7 قمري مشن لانچنگ لاءِ تيار، راڪٽ لانچنگ ايريا منتقل

بيجنگ - 19 آگسٽ (اي پي پي) چين پنهنجي چانگ اي - 7 قمري جاچ مشن ۽ لانگ مارچ 5 واءِ 14 ڪيريئر راڪٽ کي ڏکڻ چين جي صوبي هنان ۾ واقع وين چانگ خلائي لانچ سائيٽ جي لانچنگ ايريا منتقل ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته مشن جي لانچنگ مناسب وقت تي ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي انسان بردار خلائي ايجنسي (سي ايم ايس اي ) ٻڌايو ته چانگ اي - 7 قمري جاچ مشن ۽ لانگ …

بيجنگ – 19 آگسٽ (اي پي پي) چين پنهنجي چانگ اي – 7 قمري جاچ مشن ۽ لانگ مارچ 5 واءِ 14 ڪيريئر راڪٽ کي ڏکڻ چين جي صوبي هنان ۾ واقع وين چانگ خلائي لانچ سائيٽ جي لانچنگ ايريا منتقل ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته مشن جي لانچنگ مناسب وقت تي ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي انسان بردار خلائي ايجنسي (سي ايم ايس اي ) ٻڌايو ته چانگ اي – 7 قمري جاچ مشن ۽ لانگ مارچ 5 – واءِ 14 ڪيريئر راڪٽ کي اربع ڏينهن عمودي حالت ۾ وين چانگ خلائي لانچ سائيٽ ايريا منتقل ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق قمري مشن ۽ راڪٽ ترتيبوار اپريل ۽ جولاءِ ۾ لانچ سائيٽ تي پهتا هئا . جتي ان جو  ٻيو سمورو عمل مڪمل ڪيو ويو. لانچ سائيٽ تي سموريون سهولتون ۽ اوزار درست حالت ۾ آهن . لانچ کان اڳ مقرر شيڊول مطابق  فنڪشنل چيڪ اپ، گڏيل ٽيسٽون ۽ پروپيلنٽ ڀرڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو . چانگ اي -7 مشن جو مقصد ڪيترن اهم ٽيڪنالاجيز ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ آهي ، جنهن ۾ چنڊ جي سطح تي انتهائي درست سافٽ لينڊنگ، ٽنگن ذريعي حرڪت، هاپنگ ۽ مستقل طورتي ڇانو ڏيندڙ کڏن جي تحقيق شامل آهي . مشن دوران چنڊ جي ڏکڻ قطب جي ماحول ۽ وسيلن جو جامع جائزو ورتو ويندو . ان مقصد لاءِ مدار ۾ گردش ، لينڊ سلائيڊنگ ، روونگ ۽ هاپنگ تي ٻڌل جاچ  طريقڪار استعمال ڪيو ويندو . چانگ اي – 7 مشن ۾ عالمي سهڪار  به شامل هوندو.