اسرائيلي وزيراعظم جي نسل ڪشي جي نيٽ ورڪ جون سرگرميون خطي ۾ وڌيڪ افراتفري ۽ فوتگين کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو: ترڪيه

انقره - 19 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت تي وچ اوڀر کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪڻ ۽ شام جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جا الزام لڳائيندي عالمي برادري کان ان جي مذمت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ترڪيه جي حڪمران پارٽي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي جي ترجمان عمر جيلڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چئي. هن ايڪس …

انقره – 19 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت تي وچ اوڀر کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪڻ ۽ شام جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جا الزام لڳائيندي عالمي برادري کان ان جي مذمت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ترڪيه جي حڪمران پارٽي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي جي ترجمان عمر جيلڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چئي. هن ايڪس تي لکيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي نسل ڪشي جي نيٽ ورڪ جون سرگرميون خطي ۾ وڌيڪ افراتفري ۽ وڏي پئماني تي فوتگين کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ جنگ، اولهندي ڪناري کي غزه م تبديل ڪرڻ جون ڪوششون، ايراني عوام تي حملا، لبنان جي هڪ حصي تي قبضو ۽ شام خلاف ڪارروائيون هڪ ئي انتهاپسنداڻي پروگرام جو حصو آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي پنهنجي عزت ۽ وقار جي نالي تي گڏيل طور اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.