عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو، سون ۽ چاندي ۾ گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو جڏهن ته سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو،  بلوم برگ جي رپورٽ موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيئيٽ جا سيپٽمبر لاءِ سودا 0.59 ڊالر جي اضافي سان 85.09 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جي آڪٽوبر ۾ رسد جو معاهدو 0.45 ڊالر …

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو جڏهن ته سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو،  بلوم برگ جي رپورٽ موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيئيٽ جا سيپٽمبر لاءِ سودا 0.59 ڊالر جي اضافي سان 85.09 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جي آڪٽوبر ۾ رسد جو معاهدو 0.45 ڊالر جي اضافي سان 91.32 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيو. سون جو اگهه 18.20 ڊالرز جي گهٽتائي سان 4455.50 ڊالر في اونس ۽ چاندي جو اگهه 0.86 ڊالر گهٽجي 65.38 ڊالر في اونس تي اچي ويو. جنسن جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو ۽ مڪئي جا ڊسمبر لاءِ سودا 1.75 ڊالر مان وڌي 491.25 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جو ڊسمبر لاءِ سودو 0.50. ڊالر جي اضافي سان 689.75 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيو.