ڪنڊيارو وٽ قومي شاهراه تي مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 12 زخمي

نوشهرو فيروز -18 آگسٽ (اي پي پي) ڪنڊيارو وٽ قومي شاهراهه تي مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب ڪنڊيارو وٽ قومي شاهراه تي افسوسناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾  ٽنڊو ڄام کان ڪشمور ويندڙ هڪ مسافر وين تيز رفتار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر ٿڏي تي فوت جڏهن ته 12 …

نوشهرو فيروز -18 آگسٽ (اي پي پي) ڪنڊيارو وٽ قومي شاهراهه تي مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب ڪنڊيارو وٽ قومي شاهراه تي افسوسناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾  ٽنڊو ڄام کان ڪشمور ويندڙ هڪ مسافر وين تيز رفتار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر ٿڏي تي فوت جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ريسيڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون. زخمي ٿيل سمورن 12 مسافرن کي فوري طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو آهي. جتي کين علاج فراهم ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي سبب فوت ٿيل ٻنهي ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنڊو ڄام کان ڪشمور ويندڙ وين ڪنڊيارو وٽ قومي شاهراهه تي حادثي جو شڪار ٿي. واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.