اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن دوران 9 کان وڌيڪ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن هڪ پيغام ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروائيون واکاڻ جوڳيون آهن، هن دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ ۽ دهشتگردي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بلوچستان ۾ 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن دوران 9 کان وڌيڪ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن هڪ پيغام ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروائيون واکاڻ جوڳيون آهن، هن دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پختي عزم کي تعريف لائق قرار ڏنو. هن چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون حوصلو ڏيندڙ آهن، بلوچستان ۾ پائيدار امن لاءِ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ضروري آهي.










