اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي ) چيو آهي ته دبئي ۾ ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش گل فوڊ مينيوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 31 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون . ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش دبئي ۾ 3 نومبر کان 5 نومبر تائين جاري رهندي . نمائش ۾ پراسيسنگ، پيڪيجنگ، آٽو ميشن اينڊ ڪنٽرول ۽ سپلائي چين ساليوشنز …
عالمي واپاري نمائش گل فوڊ مينيو فيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 31 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي
اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي ) چيو آهي ته دبئي ۾ ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش گل فوڊ مينيوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 31 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون . ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش دبئي ۾ 3 نومبر کان 5 نومبر تائين جاري رهندي . نمائش ۾ پراسيسنگ، پيڪيجنگ، آٽو ميشن اينڊ ڪنٽرول ۽ سپلائي چين ساليوشنز سان لاڳاپيل ماڻهو، ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن سامهون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهن ٿا.











