نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خوروف جي ملاقات

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خوروف اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي اهم شعبن ۾ مسلسل تعاون ۽ اعلى سطح جي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪ – روس لاڳاپن …

اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خوروف اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي اهم شعبن ۾ مسلسل تعاون ۽ اعلى سطح جي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪ – روس لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو مستقل موقف آهي ته اختلافن جي حل ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.