اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته قومي نوجوان روزگار پاليسي تحت نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جامع ۽ موثر قدم يقيني بڻايا وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم اهڙيُون هدايتون اسلام آباد ۾ قومي نوجوان روزگار پاليسي جي عملدرآمد جي حوالي سان منعقد ٿيل هڪ جائزه اجلاس …
وزيراعظم پاران لاڳاپيل اختيارين کي قومي نوجوان روزگار پاليسي تحت نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جامع ۽ موثر قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته قومي نوجوان روزگار پاليسي تحت نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جامع ۽ موثر قدم يقيني بڻايا وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم اهڙيُون هدايتون اسلام آباد ۾ قومي نوجوان روزگار پاليسي جي عملدرآمد جي حوالي سان منعقد ٿيل هڪ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيُون. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي هنرمند ۽ باصلاحيت نوجوانن کي باعزت روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت پاران ملڪ جي پهرين قومي نوجوان روزگار پاليسي جو آغاز اسان جي مخلصاڻين ڪوششن جي عڪاسي آهي. شهباز شريف چيو ته قومي نوجوان روزگار پاليسي جي تحت قدمن لاءِ بين الوزارتي تعاون ۽ جامع حڪمت عملي تمام گهڻي ضروري آهي. هن چيو ته قومي نوجوان روزگار پاليسي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس هر مهيني منعقد ڪيو ويندو. وزيراعظم قوم جي نوجوانن، خاص طور تي عورتن جي لاءِ روزگار جي نون موقعن ۾ شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي به خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته قومي نوجوان روزگار پاليسي تحت، ملڪ جي ڏوراهن علائقن خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. شهباز شريف چيو ته ملڪ جي هنرمند افرادي قوت کي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروباري ۽ صنعتي گهرج سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ۽ ايس ايم اي ڊي اي ( سميڊا) ۾ ادارتي سڌارا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ان پاليسي جي ڪري نوجوانن کي حاصل ٿيندڙ فائدن جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت پُڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن افرادي قوت جي لاءِ خاص طور تي عالمي سرٽيفڪيشن ۽ گهربل ٻولي ۾ مهارت جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، نوجوانن کي ٻاهرين ملڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ مارڪيٽ جي گهُرج مُوجب تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ جي نوجوانن کي ڊجيٽل يوٿ هب وسيلي هڪ پليٽ فارم تي مُلڪ توڙي مُلڪ کان ٻاهر روزگار جي موقعن جا تفصيل فراهم ڪيا پيا وڃن. قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي تي موثر عملي قدمن جي لاءِ سڀئي وزارتون ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل تعاون ۽ مشاورت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته تعليمي ادارن ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سيلز قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن کي رهنمائي ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سان گڏگڏ انهن کي روزگار ۽ مهارتن جي ترقي جي موقعن بابت آگاهي پُڻ ڏيندا. وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود وزيراعظم کي سندس هدايتن مُوجب کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي جو وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن جو وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطاءُ الله تارڙ، موسمياتي تبديلي جو وزير مصدق ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو وزير شازہ فاطمه خواجه، وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











