گولاڙچي پوليس جي چوريون ڪندڙ گينگ خلاف ڪارروائي، ٻه جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

بدين- 18 آگسٽ (اي پي پي) گولاڙچي پوليس شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان رات جي وقت هٿيارن جي زور تي دڪانن مان چوريون ڪندڙ گينگ خلاف ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪندي هٿيار هٿ ڪري ورتا. ايس ايڇ او شهيد فاضل راهو انسپيڪٽر محمد خان ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري امير حسن عرف مير حسن نهڙيو ۽ عنايت علي نهڙيو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن …

بدين- 18 آگسٽ (اي پي پي) گولاڙچي پوليس شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان رات جي وقت هٿيارن جي زور تي دڪانن مان چوريون ڪندڙ گينگ خلاف ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪندي هٿيار هٿ ڪري ورتا. ايس ايڇ او شهيد فاضل راهو انسپيڪٽر محمد خان ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري امير حسن عرف مير حسن نهڙيو ۽ عنايت علي نهڙيو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن قبضي مان غير قانوني 30 بور پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن. واضح رهي ته ٻه راتيون اڳ جوابدارن چڪ نمبر 4 ۾ حسين جت جي دڪان مان کاٽ هڻي تقريباً 40 هزار روپين جو سامان ۽ دڪان ۾ موجود 30 هزار رپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، جنهن جو ڪيس پڻ ٿاڻو شهيد فاضل راهو تي داخل ڪيو ويو هو. پوليس پاران گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جانچ ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وارداتن ۾ ملوث ٻين جوابدارن ۽ ساٿين جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪارروائي جاري آهي.