پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي

لاهور- 18 آگسٽ (اي پي پي ) پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي . پي ڊي ايم اي مطابق چناب درياهه، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي جڏهن ته ڊيرا غازي خان ۾ به پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. هن ٻڌايو ته سنڌو دريا ۾ ڪالا باغ ، تونسه ۽ چشمه وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالا باغ ۾ …

لاهور- 18 آگسٽ (اي پي پي ) پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي . پي ڊي ايم اي مطابق چناب درياهه، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي جڏهن ته ڊيرا غازي خان ۾ به پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. هن ٻڌايو ته سنڌو دريا ۾ ڪالا باغ ، تونسه ۽ چشمه وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالا باغ ۾ 3 لک 33 هزار ڪيوسڪ، چشمه ۾ 3 لک 18 هزار ڪيوسڪ ۽ تونسه ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 38 هزار ڪيوسڪ آهي. نارووال ۽ ناله پلڪو ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. تربيلا ڊيم 100سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 700 سيڪڙو ڀريل آهي جڏهن ته برساتن جو ڇهون اسپيل 21 آگسٽ تائين جاري رهندو. ڊي جي پي ڊي ايم اي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. دريائن ۽ ندين ۽ نالن ويجهو تفريح کان پاسو ڪن ۽ ٻارڙن کي دريائن ۾ هر گز نه لهڻ ڏين.