ڪينيڊا جي 2 لک 10 هزار شهرين پاران آمريڪي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو

اوٽاوا - 18 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جي 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ شهرين  هڪ  درخوست تي صحيحون ڪيون آهن جنهن ۾ آمريڪي سفير پيٽ هوگسٽرا کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي هيٺين  ايوان جي ويب سائيٽ تي جاري انگن اکرن مطابق 17 آگسٽ تائين 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ ڪينيڊا جي شهرين درخواست ۾ ڪينيڊا ۾ آمريڪي سفير پيٽ هوگسٽرا کي …

اوٽاوا – 18 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جي 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ شهرين  هڪ  درخوست تي صحيحون ڪيون آهن جنهن ۾ آمريڪي سفير پيٽ هوگسٽرا کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي هيٺين  ايوان جي ويب سائيٽ تي جاري انگن اکرن مطابق 17 آگسٽ تائين 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ ڪينيڊا جي شهرين درخواست ۾ ڪينيڊا ۾ آمريڪي سفير پيٽ هوگسٽرا کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو . درخواست ۾ پيٽ هوگسٽرا تي الزام لاڳو ڪيو ويو آهي ته هن هر ڀيري اهڙا بيان ڏنا جن ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي گڏيل لاڳاپن کي نقصان پهچايو آهي ۽ ڪينيڊا جي گهرو معاملن ۾ مداخلت آهي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي ڏيندڙ بيان  کي معمول بڻائي پيش ڪرڻ به شامل آهي ته ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51 هين رياست بڻايو وڃي. درخواست ۾ ڪينيڊا جي  حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو آمريڪي سفير کي باضابطه طورتي اڻوڻندڙ قرار ڏي ۽ ان سان گڏ ئي هڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ڪينيڊا جي گهرو معاملن ۾ آمريڪي مداخلت جي جاچ ڪري . تجزيوڪندڙن جو چوڻ آهي ته اها درخواست آمريڪا بابت عوامي ناراضگي جو انتهائي واضع ۽ شديد اشارو ڏي ٿي.