بيجنگ-18 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ڏکڻ اولهه صوبي بنان ۾ ننڍي ٻيڙي حادثي بعد لاپتا ٿي وئي هئي جنهن ۾ 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق حادثو شام جو اٽڪل 6 وڳي هواننگ ڪائونٽي ۾ نان پان درياهه ۾ پيش آيو جتي 6 ڄڻن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ هڪ ڄڻي کي بچايو ويو آهي، جڏهن …
چين ۾ ننڍي ٻيڙي حادثي جو شڪار، 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق

مزید خبریں
بيجنگ-18 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ڏکڻ اولهه صوبي بنان ۾ ننڍي ٻيڙي حادثي بعد لاپتا ٿي وئي هئي جنهن ۾ 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق حادثو شام جو اٽڪل 6 وڳي هواننگ ڪائونٽي ۾ نان پان درياهه ۾ پيش آيو جتي 6 ڄڻن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ هڪ ڄڻي کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته 5 ڄڻن جي ڳولا لاءِ فائر فائيٽرز ۽ پوليس جي اهلڪارن سميت 470 کان وڌيڪ امدادي ڪارڪنن کي مقرر ڪيو ويو هو. جن 5 لاش هٿ ڪري سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.











