انقره-18 آگست (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته سندس ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي صدر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهين دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ترڪيه ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ …
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: ترڪيه جو صدر

مزید خبریں
انقره-18 آگست (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته سندس ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي صدر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهين دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ترڪيه ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ترڪيه جي ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان ٽيلي فونڪ ڳالهين دوران رجب طيب اردوان امن ڪوششن ۾ ترڪيه جي حمايت ۽ سهڪار جي راضپي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن آمريڪي صدر جي ايلچي جيرڊ ڪشنر چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون سنجيده ۽ وسيع پيماني تي جاري آهن پر ڌريون اڃا تائين ڪنهن گڏيل مفاهمت تي ناهن پهتيون . جيرڊ ڪشنر جو چوڻ هيو ته آمريڪا ۽ ايران جي حڪومتن جي مختلف دورن وچ ۾ ڳالهيون شايد پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن پر ٻنهي پاران اڃان تائين ڪنهن اتفاق راءِ يا مفاهمت تائين رسائي حاصل ناهي ڪئي وئي.











