گذريل سال امدادي ادارن جا 350 ڪارڪن مارجي ويا: گڏيل قومون

گڏيل قومون-18 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت هنگامي امدادي آفيس ( او سي ايڇ آر ) ٻڌايو آهي ته سال 2025 ۾ مارجي ويل امدادي ڪارڪنن جو انگ 350 تائين پهچي ويو، انهن مان 186 غزه ۽ 71 سوڊان ۾ مارجي ويا. پرڏيهي ميديا موجب هڪ بيان ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته سال 2025ع امدادي ڪارڪنن خلاف ٿيندڙ تشدد جي واقعن جي حوالي سان هڪ …

گڏيل قومون-18 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت هنگامي امدادي آفيس ( او سي ايڇ آر ) ٻڌايو آهي ته سال 2025 ۾ مارجي ويل امدادي ڪارڪنن جو انگ 350 تائين پهچي ويو، انهن مان 186 غزه ۽ 71 سوڊان ۾ مارجي ويا. پرڏيهي ميديا موجب هڪ بيان ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته سال 2025ع امدادي ڪارڪنن خلاف ٿيندڙ تشدد جي واقعن جي حوالي سان هڪ ٻيو المناڪ ۽ ريڪارڊ سال ثابت ٿيو. ان شعبي جا 907 ڪارڪن فوت زخمي يا اغوا ٿيا. تحقيق ڪندڙ اداري هيومينيٽرين آئوٽ ڪمز جي ڊيٽا بيسس مان حاصل ڪيل انهن انگن اکرن موجب مري ويلن جو اهو انگ سال 2024 ع کان معمولي گهٽ هيو . سال 2024 ع ۾ 377 امدادي ڪارڪن مارجي ويا هيا. او سي ايڇ موجب هلندڙ سال جي شروعات کان هيستائين سڄي دنيا ۾ 82 امدادي ڪارڪن قتل، 97 زخمي ۽ 39 اغوا ٿي چڪا آهن. او سي ايڇ اي مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهٽ لاڳت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سبب ليس هٿيار ڊرونس جي پکيڙ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ان سان مختلف ڌرين کي طاقت استعمال ڪرڻ جي صلاحيت ملي رهي آهي. او سي ايڇ اي موجب سوڊان ۾ هلندڙ سال جي پهرين چئن مهينن ۾ عام شهرين جيون 80 سيڪڙو فوتگيون انهن ڊرون سبب ٿيون جنهن ۾ خاص طور تي مارڪيٽن ۽ طبي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. گڏيل قومن جي امدادي معاملن جي اڳواڻ ٽام فليچر چيو ته رڳو ٽن سالن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن مارجي ويا آهن . اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي هن چيو ته رڳو مذمت ڪرڻ سان انهن کي تحفظ نه ملندو، رياستن کي عالمي انساني حقن جي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي. عام شهرين ۽ اسان جي ساٿين جي حفاظت لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا. اهڙي طرح قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ٽام فليچر چيو ته ڊرونز هڪ پراڻي خطري جو نئون روپ بڻجي چڪاآهن. ان ذريعي عام شهرين جي زندگين کي ڄاڻي واڻي يا لاپرواهي سبب نقصان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي بدلجندي ۽ اڳتي وڌندي پر جنگ جا بنيادي قانون ڪڏهن به ناهن بدلجندا.