پاڪستان جنيوا ۾ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت ڪانفرنس جي صدارت سنڀالي ورتي

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جنيوا ۾ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت ڪانفرنس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي، پاڪستان پاران آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جي خاتمي بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي ڪانفرنس جي اجلاسن جي صدارت ڪري رهيو آهي. پاڪستان 2026ع جي سيشن ۾ ڪانفرنس جي آخري صدارت ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري هو هلندڙ سال …

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جنيوا ۾ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت ڪانفرنس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي، پاڪستان پاران آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جي خاتمي بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي ڪانفرنس جي اجلاسن جي صدارت ڪري رهيو آهي. پاڪستان 2026ع جي سيشن ۾ ڪانفرنس جي آخري صدارت ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري هو هلندڙ سال جي ڪاررواين جي پڄاڻي جي نگراني پڻ ڪندو. پنهنجي صدارت دوران پاڪستان ڪانفرنس جي سالياني رپورٽ ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي ۾ ان بابت قرارداد تي ڳالهه ٻولهه جي رهنمائي ڪندو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪستان ڪانفرنس جي صدر جي حيثيت سان مشاورت جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن سفير طاهر حسين اندرابي 2026ع جي سيشن جي اڳوڻي صدرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ علائقائي گروپن جي نمائندن سان پڻ مشاورت ڪئي. گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت ڪانفرنس دنيا جو واحد گهڻ رخو فورم آهي جتي هٿيارن جي خاتمي ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول بابت معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ٿي. جنيوا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ قائم ان ڪانفرنس جا 65 ميمبر ملڪ آهن، جن ۾ سموريون ائٽمي هٿيار رکندڙ رياستون به شامل آهن. ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ جو خاتمو، ائٽمي جنگ جي روڪٿام ۽ ٻاهرئين خال کي هٿيارن جي ڊوڙ کان محفوظ رکڻ سميت ڪيترائي اهم معاملا شامل آهن. ڪانفرنس ۽ ان کان اڳ ڪم ڪندڙ ادارن عالمي سلامتي جي ڍانچي بابت ڪيترن ئي اهم معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن م حياتياتي هٿيارن جو ڪنوينشن، ڪيميائي هٿيارن جو ڪنوينشن ۽ جامع ائٽمي تجربن تي پابندي جو معاهدو (سي ٽي بي ٽي) شامل آهن. موجوده اهم عالمي حالتن ۾ پاڪستان پاران هٿيارن جي خاتمي واري ڪانفرنس جي صدارت سنڀالڻ عالمي برادري جي پاڪستان جي سفارتي قيادت تي اعتماد ۽ گهڻ رخي سطح تي هٿيارن جي ڪنٽرول ۽ هٿيارن جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس موجب ڪانفرنس جي صدارت پاڪستان کي عالمي سطح تي هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي، عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل اهم سفارتي بحثن جي مرڪز ۾ کڻي اچي ٿي.