اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر جي ضرورتن ۽ نجي ملڪيتي حقن وچ ۾ مناسب توازن يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. رائٽ آف وي بابت قانوني ابهام ختم ڪري هڪ واضح، شفاف ۽ مؤثر قانوني فريم ورڪ جوڙيو ويندو. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائزيشن (ترميمي) بل 2026ع ۾ رائٽ …
ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر جي ضرورت ۽ نجي ملڪيتي حقن وچ ۾ مناسب توازن يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي: اعظم نذير تارڙ
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر جي ضرورتن ۽ نجي ملڪيتي حقن وچ ۾ مناسب توازن يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. رائٽ آف وي بابت قانوني ابهام ختم ڪري هڪ واضح، شفاف ۽ مؤثر قانوني فريم ورڪ جوڙيو ويندو. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائزيشن (ترميمي) بل 2026ع ۾ رائٽ آف وي جي شقن جي جائزي بابت قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، قانون ۽ انصاف واري وزارت، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪمينيوڪيشن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رائٽ آف وي بابت تجويز ڪيل ترميمن ۽ موجوده قانوني فريم ورڪ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر لڳائڻ ۽ رائٽ آف وي جي استعمال بابت قانوني معاملن تي به غور ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن عوامي، گڏيل ترقياتي ۽ نجي ملڪيتن جي حوالي سان وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن جي دائره اختيار کي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نجي ملڪيت تي ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر لڳائڻ لاءِ مالڪ جي لکت ۾ رضامندي، معاوضي ۽ ٻين قانوني گهرجن جي طريقيڪار جو جائزو به ورتو ويو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته شهرين جي ملڪيتي حقن جي تحفظ سان ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻايو ويندو، ان مقصد لاءِ هڪ اهڙو قانوني فريم ورڪ جوڙيو ويندو جيڪو سڀني لاڳاپيل ڌُرين جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪندو. هن چيو ته رائٽ آف وي جي استعمال لاءِ شفاف، واضح ۽ قابلِ عمل طريقيڪار ضروري آهي، جڏهن ته ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر جي واڌاري سان گڏ ملڪيتن جي مالڪن جي حقن جو تحفظ به يقيني بڻائڻ گهرجي. اجلاس ۾ نئين ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي قاعدن ضابطن ذريعي قانوني دائري ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آئي. ٻئي طرف ٽيليڪام ڪمپنيون ۽ لاڳاپيل پراپرٽي مالڪن جي ذميدارين کي واضح ڪرڻ انفراسٽرڪچر لڳائڻ بعد ملڪيتن جي حفاظت، سارسنڀال ۽ بحاليءَ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل قانوني مسودي ۾ قانوني ۽ عملي مسئلن کي ختم ڪري ان کي حتمي شڪل ڏئي ڪميٽيءَ سامهون پيش ڪيو وڃي.











