ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪولر ڊيزيزز جي گورننگ باڊي جي 85 هين اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان جي عوامي شعبي جي دل جي علاج واري هن وڏي ۾ وڏي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي تاريخي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي۔ انهن فيصلن ۾ ايڊوانسڊ هارٽ فيليئر پروگرام آيل وي اي ڊي جو قيام …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيزز جي گورننگ باڊيءَ جي 85هون اجلاس
ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪولر ڊيزيزز جي گورننگ باڊي جي 85 هين اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان جي عوامي شعبي جي دل جي علاج واري هن وڏي ۾ وڏي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي تاريخي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي۔ انهن فيصلن ۾ ايڊوانسڊ هارٽ فيليئر پروگرام آيل وي اي ڊي جو قيام ۽ دل جي هنگامي سروسز جي توسيع شامل آهن۔ هي اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ايم پي ايز رخسانه پروين ۽ ساديه جاويد، وڏي وزير جو پرنسپال سيڪريٽري آغا واصف، صحت واري سيڪريٽري طاهر سانگي، مالياتي سيڪريٽري اصغر ميمڻ،اين آئي سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير، پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن جو باني مشتاق ڇاپڙا، پروفيسر شاهد سميع ۽ گورننگ باڊي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير پنهنجي حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان جي مريضن کي دل جي بيمارين جو مفت، معياري ۽ آسان علاج فراهم ڪيو ويندو۔ هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي سنڌ جي صحت واري شعبي جو هڪ نمايان ادارو ۽ قومي اثاثو آهي۔ حڪومت هر ممڪن سهڪار جاري رکندي ته جيئن سڀني مستحق مريضن لاءِ دل جو حياتي بچائيندڙ علاج مفت دستياب رهي۔ مراد علي شاهه چيو ته آبادي جي وڌندڙ صحت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ خصوصي خدمتن جي توسيع، جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائڻ ۽ انساني وسيلن کي مضبوط ڪرڻ تمام ضروري آهي۔هڪ وڏي اڳڀرائي ڪندي گورننگ باڊي ليفٽ وينٽريڪولر اسسٽ ڊيوائس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ”ايڊوانسڊ هارٽ فيليئر پروگرام“ جي قيام جي اصولي منظوري ڏني ۽ اين آئي سي وي ڊي کي مستقبل ۾ دل جي پيوندڪاري پروگرام لاءِ شروعاتي ڪم شروع ڪرڻ جو اختيار ڏنو۔ مراد علي شاهه ان اقدام کي دل جي جديد علاج جي حوالي سان هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو ۽ اين آئي سي وي ڊي جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو فني مدد، تربيت ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ملڪ جي توڙي عالمي سطح جي اعليٰ ادارن سان تعاون ڪن۔ هن چيو ته سنڌ کي جديد صحت جي جدت ۽ علاج جي خصوصي خدمتن ۾ هميشه اڳڀرو رهڻ گهرجي۔اجلاس ۾ اين آئي سي وي ڊي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ آگاهي ڏني وئي ته سال 2025ع دوران اداري غير معمولي تعداد ۾ خصوصي خدمتون فراهم ڪيون آهن۔ اين آئي سي وي ڊي پاران 9,279 پرائمري پي سي آئي پروسيجر، 3,069 ٻارن جي ڪيٿيٽرائيزيشن ۽ انٽروينشنز، 291 پي ٽي ايم سي پروسيجر، 40 ٽاوي پروسيجر، 5,649 ارلي انويزو پروسيجر، 889 اليڪٽو اينجيوپلاسٽيز، 1400 کان وڌيڪ دل جون سرجريون، 296,731 هنگامي طبي مشاورتون، 443,610 او پي ڊي مشاورتون، 18,875 اينجيوگرافيون، 54,295 مريضن کي داخل ڪرڻ ۽ 88,165 ايڪو ڪارڊيوگرافي ٽيسٽون ڪيون ويون۔ گورننگ باڊي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2019ع کان 2025ع تائين اين آئي سي وي ڊي ڪراچي ۾ سنڌ کان ٻاهر جي 13 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو جن ۾ بلوچستان، پنجاب، خيبر پختونخواهه، آزاد جمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا مريض شامل هئا۔ وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽ ڪيو ته اهي انگ اکر اين آئي سي وي ڊي جي قومي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا ۽ هن اداري کي هدايت ڪئي ته مريضن جي سار سنڀال جا عالمي معيار برقرار رکيا وڃن۔گورننگ باڊي کان اها اجازت گهري وئي ته موجوده اين آئي سي وي ڊي ايمپلائيز (سروس) رولز اينڊ ريگيوليشنز 2016ع تحت ترقين ۽ گريڊ وڌائڻ جي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي، جيستائين 2025ع-2026ع جي نظرثاني ٿيل ضابطن کي حتمي منظوري نه ملي وڃي۔ وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽرن، نرسن، فئڪلٽي ميمبرن ۽ ٻين ملازمن جي ڪيريئر جي ترقي قابليت کي برقرار رکڻ ۽ اعليٰ معيار جي صحت جون خدمتون ڏيڻ لاءِ تمام ضروري آهي۔ هن اين آئي سي وي ڊي کي هدايت ڪئي ته ترقين جي ڪيسن تي غور ڪرڻ کان پهريان پنهنجن نظرثاني ٿيل رولز جي قانون واري کاتي کان جاچ ڪرائي وڃي۔گورننگ باڊي چيف آپريٽنگ آفيسر (BPS-19) ۽ چيف فنانشل آفيسر (BPS-19) جي عهدن تي ٻن سالن جي معاهدي جي بنياد تي ڀرتي جي عمل جي پڻ منظوري ڏني۔ وڏي وزير اين آئي سي وي ڊي جي وڌندڙ ڪم ۽ خدمتون پهچائڻ جي وڌندڙ ذميوارين کي نظر ۾ رکندي مضبوط انتظامي ۽ مالي انتظامي نظام جي ضرورت تي زور ڏنو۔گورننگ باڊي آمريڪا ۾ رهندڙ نامياري دل جي ماهر پروفيسر جاويد سليمان جي اين آئي سي وي ڊي ۾ بطور پروفيسر آف ڪارڊيالوجي ۽ ميڊيڪل ڊائريڪٽر رضاڪارانه مقرري جي منظوري ڏني، جنهن سان اداري يا سنڌ حڪومت تي ڪوبه مالي بار نه پوندو۔ وڏي وزير ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني طبي ماهرن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته سندن تجربي سان سنڌ ۾ صحت جي سهولتن ۽ طبي تعليم کي وڌيڪ هٿي ملندي۔اجلاس ۾ پيڊياٽرڪ ڪارڊيالوجي ڊپارٽمينٽ لاءِ ميڊيڪل آفيسر (BPS-17) جي پوسٽ پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔وڏي وزير ٻارن جي دل جي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پيدائشي توڙي پوءِ ٿيندڙ دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٻارن جي بنا رڪاوٽ علاج کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو۔گورننگ باڊي وڏن توسيعي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ ٻارن جي دل جي بيمارين لاءِ هڪ الڳ 300 بسترن واري يونٽ جي تعمير شامل آهي، جيڪو ستن منزلن، پنجن آپريشن ٿيٽرن، چئن ڪيٿيٽرائيزيشن ليبارٽريز، هڪ هائبرڊ ليبارٽري ۽ جديد سُڃاڻپ جي سهولتن تي مشتمل هوندو۔ اجلاس کي نئين 100 بسترن واري جديد ڪارڊياڪ ايمرجنسي سينٽر ۽ 59,000 اسڪوائر فوٽن تي پکڙيل جديد آئوٽ پيشنٽ ڊپارٽمينٽ جي اڏاوت بابت پڻ آگاهي ڏني وئي۔ مراد علي شاهه اين آئي سي وي ڊي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته سڀني جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت معياري صحت تائين رسائي کي وڌائڻ وارن قدمن جي پٺڀرائي جاري رکندي۔ اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير ٻيهر عزم ڪيو ته صحت سندس حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اين آئي سي وي ڊي کي هڪ اهڙو اعليٰ ادارو بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي جيڪو سڄي پاڪستان جي مريضن کي دل جو مفت ۽ عالمي معيار جو علاج فراهم ڪري.












