اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفظ ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب ملاقات دوران وفاقي …
قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سان پاڪستان ۾ مصر جي سفير جي ملاقات، زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ، ڪپهه جي پيداوار ۽ معيار بهتر بڻائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفظ ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجي جٽادار ۽ ڀائراڻن ناتن يک قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن جديد زراعت، پاڻيءَ جي بهتر انتظام، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ پوکي ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مصر جي نمايان اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي چيو ته هو مصر جي زرعي ترقي ۽ ڏُکين حالتن ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ جي تجربن سبب متاثر آهن. راڻا تنوير حسين خاص ڪري پاڪستان ۾ ڪپهه جي پيداوار ۽ معيار بهتر بنائڻ لاءِ مصر جي فني مهارت ۽ تجربن مان فائدو کڻڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪپهه جي بهتر قسم، معياري ٻج، جديد پيداواري طريقن، فصلن جي انتظام ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان مصر جو تجربو پاڪستان لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير پاڪستاني ۽ مصري زرعي تحقيقي ادارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ، ماهرن جي مٽاسٽا، گڏيل تحقيقي رٿائن، تربيتي پروگرامن ۽ جديد زرعي طريقن جي مٽاسٽا جي تجويز پڻ پيش ڪئي. هن پاڻيءَ جي بچت تي ٻَڌل آبپاشي، معياري ٻجن جي تياري، بائيو ٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت، زرعي مشينري، لائيو اسٽار، باغن جي پوکي ۽ زرعي تحقيق جي شعبن ۾ پڻ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت زرعي پيداوار ۾ واڌ، پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ آبادگارن جي آمدني بهتر بنائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، معياري زرعي مداخلت ۽ تحقيق ۽ واڌ خدمتن جي وچ ۾ مضبوط رابطن تي ڌيان ڏنو ويو. ملاقات دوران ڳالهائيندي مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحميد حسن ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي سهڪار وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته لاڳاپيل مصري ادارن کي گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ سهڪار جا امڪان تلاش ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. سفير ڪپهه، آبپاشي، زرعي تحقيق ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائي وارن علائقن ۾ پوکي جي شعبن ۾ مصر جي تجربن کان آگاهه ڪندي پاڪستاني ۽ مصري ماهرن ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ رابطن ۽ تجربن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجا ڏيندڙ بنائڻ لاءِ گڏيل رابطا جاري رکيا وڃن ۽ اهڙي عملي شعبن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن سان ٻنهي ملڪن جي آبادگارن، زرعي پيداوار ۽ غذائي تحفظ کي فائدو پهچي سگهي.










