آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ (ن) ليگ ڪامياب پارٽيءَ طور سامهون آئي، اڪثريت سان آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهينداسين : راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ (ن) ليگ ڪامياب پارٽيءَ طور سامهون آئي آهي، (ن) ليگ اڪثريت سان آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهيندي. سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪامياب ايم ايل اي ساجد عباسيءَ سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 25 سيٽن تي (ن) ليگ کي ڪاميابي …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ (ن) ليگ ڪامياب پارٽيءَ طور سامهون آئي آهي، (ن) ليگ اڪثريت سان آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهيندي. سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪامياب ايم ايل اي ساجد عباسيءَ سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 25 سيٽن تي (ن) ليگ کي ڪاميابي ملي آهي، 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان حڪومت ٺاهينداسين، امن امان سبب 6 سيٽن تي چونڊون نه ٿي سگهيون. راڻا ثناءُ الله چيو ته 53 جي اسيمبليءَ ۾ (ن) ليگ کي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت ملي وئي آهي، آزاد ڪشمير جي صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ (ن) ليگ کي مينڊيٽ مليو، ووٽرز (ن) ليگ کي ووٽ ڏنو ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب حڪومت ۾ وزيراعليٰ مريم نواز تعمير ۽ ترقي ڪري ڏيکاري آهي. ساجد اقبال ايم ايل اي 14 کان چونڊيو، ووٽرز وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽرايون. راڻا ثناءُ الله چيو ته ساجد اقبال کي درخواست ڪئي ته اسان جي پارٽيءَ سان ڪم ڪري، آزاد ڪشمير ۾ ڌرڻا ڏيندڙ شهري اسان جا ڀائر آهن، ڌرڻي ۾ هڪ ڏيڍ سيڪڙو ماڻهو اشتعال انگيز ڌُرين سان گڏ هوندا، هو پاڪستان سان محبت ڪندڙ آهن، هو ۽ اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي جي نعري جا امين آهن ان ۾ اڪثريت محبِ وطن آهن. راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪشميري اوترائي پاڪستان جا مالڪ آهن جيترا پاڪستاني آهن. هن چيو ته راجا فيصل ۽ ساجد اقبال گڏجي آزاد ڪشمير جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندا، اسان ساجد اقبال کي چيو ته هو اسان سان گڏ هلي، هن اسان جي اُن مخلص گذارش کي اهميت ڏني ۽ پنهنجي تڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ اسان سان گڏ هلڻ جي حامي ڀري. ساجد اقبال اسان جي ٽيم سان گڏجي پنهنجي تڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي ڪامياب اميدوار ساجد اقبال چيو ته آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال باوجود غير جانبدار چونڊون ٿيون، آزاد ڪشمير ۾ مشڪل حالتن ۾ نئين اسيمبلي بڻجڻ وڃي رهي آهي، ان جو وڏو چئلينج امن امان جي صورتحال آهي. ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرو ڪندڙن کي نئون پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مايوسي ختم ڪنداسين، (ن) ليگ جو تعمير ۽ ترقيءَ جو نظريو رهيو آهي، مون کي (ن) ليگ دعوت ڏني، (ن) ليگ سان الحاق جو اعلان ڪريان ٿو. آزاد ڪشمير ۾ ڪافي وقت کان غربت آهي، ان کي اونداهين ۽ مسئلن مان ڪڍڻو آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سڀ کان وڏو مينڊيٽ باغ جي عوام مون کي ڏنو آهي، (ن) ليگ سان گڏجي عوام جون محروميون ختم ڪنداسين.

مزید خبریں