اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2000 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 61 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 61 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1715 رپين جي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2000 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2000 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 61 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 61 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1715 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 94 هزار 320 رپين مان وڌي 3 لک 96 هزار 035 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 61 هزار 470 رپين مان وڌي 3 لک 63 هزار 045 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 80 رپين جي واڌ کانپوءِ 7029 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 69 رپين جي واڌ کانپوءِ 6026 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4375 ڊالرز مان وڌي 4395 ڊالرز ٿي وئي.











