ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي اين جي وي اسڪول جو دورو ڪيو، جتي اين جي وي اسڪول مئنيجمينٽ بورڊ جي سي اِي او مسعود ۽ ٻي انتظاميه سندس آڌرڀاءُ ڪيو. دوري دوران گورنر ڪلاس رومن، لائبريري، راندين جي ميدان، آرٽس اينڊ ڪلچر ۽ سائنس ليب جو معائنو ڪيو. کيس اسڪول ۾ فراهم ٿيندڙ تعليمي سرگرمين ۽ اداري جي تاريخ بابت تفصيلي بريفنگ …
سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پاران اين جي وي اسڪول جو دورو

مزید خبریں
ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي اين جي وي اسڪول جو دورو ڪيو، جتي اين جي وي اسڪول مئنيجمينٽ بورڊ جي سي اِي او مسعود ۽ ٻي انتظاميه سندس آڌرڀاءُ ڪيو. دوري دوران گورنر ڪلاس رومن، لائبريري، راندين جي ميدان، آرٽس اينڊ ڪلچر ۽ سائنس ليب جو معائنو ڪيو. کيس اسڪول ۾ فراهم ٿيندڙ تعليمي سرگرمين ۽ اداري جي تاريخ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گورنر اسڪول ۾ شاگردن کي فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گورنر اسڪول جي ان تاريخي هال جو به دورو ڪيو جتي پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبلي جا اجلاس منعقد ٿيا. هن تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ نئين نسل کي ان کان آگاهه ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. ان موقعي تي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن کي خطاب ڪندي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته اسان جي وڏن بهتر مستقبل جي ڳولها ۾ پاڪستان ڏانهن هجرت ڪئي هئي اڄ جي نوجوانن کي ترقي ۽ روشن مستقبل لاءِ اي آءِ ۽ آءِ ٽي ڏانهن هجرت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ روزگار، قرضن، ليب ٽاپ ۽ ٻين سهولتن جا موقعا موجود آهن، نوجوان انهن سهولتن مان فائدو کڻڻ لاءِ وزيراعظم جي ڊجيٽل يوٿ هب سان رابطو ڪن. گورنر چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهه وڃڻ سٺي ڳالهه آهي، پر تعليم مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس اچي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ نوجوانن جي ذميداري آهي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزيراعظم يوٿ پروگرام، نوجوانن لاءِ روزگار جي موقعن، قرضن، ليپ ٽاپ ۽ ٻين سهولتن سميت مختلف موضوعن تي سوال ڪيا، جن جا گورنر تفصيلي جواب ڏنا. ٻارن جي جنري پورهئي جي خاتمي بابت سوال تي گورنر چيو ته چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ اثرائتا ۽ عملي قدم وقت جي اهم ضرورت آهن. هن پنجاب جي وزيراعليٰ پاران چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙا اثرائتا قدم سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيڻ گهرجن. گورنر چيو ته پاڪستان جو مستقبل تعليم يافته، باصلاحيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته نوجوانن سان واڳيل آهي، اسان کي نوجوان نسل کي جديد علم، خاص ڪري اي آءِ ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.











