اي پي پي جي اهتمام هيٺ ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان خصوصي تقريب منعقد

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اهتمام هيٺ ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ملازمن گڏيل جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪندي محنت، ايمانداري ۽ پيشيواراني لڳاءُ سان فرض سرانجام ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ “اي …

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اهتمام هيٺ ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ملازمن گڏيل جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪندي محنت، ايمانداري ۽ پيشيواراني لڳاءُ سان فرض سرانجام ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ “اي پي پي” کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر قومي خابرو ادارو بڻائڻ جي لاءِ اتحاد، پيشيواراڻي سالميت ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. سومر ڏينهن هتي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي وقتي ايم ڊي سبين عثمان خٽڪ چيو ته آزادي جو ڏهاڙو اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته هر شهري اخلاص، محنت ۽ پنهنجي پيشيواراڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري.

هن چيو ته آزادي رڳو جشن ملهائڻ جو نالو نه آهي پر پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ ملڪ جي خدمت ديانتداري، اتحاد ۽ عزم سان ڪرڻ جي ذميواير پڻ آهي. سبين عثمان ختڪ چيو ته قومي خابرو اداري جي حيثيت سان “اي پي پي” جي ذميواري آهي ته عوام کي صحيح، وقت سر ۽ قابل اعتماد خبرون فراهم ڪري ۽ غلط اطلاعن ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي ڦهلاءُ جي روڪٿام ۾ موثر ڪردار ادا ڪري. وقتي ايم ڊي “اي پي پي” ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز پنهنجي تازن اجلاس ۾ پگهارن ۽ مراعتن ۾ مجموعي طور تي 112 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته معذوري الائونس وڌائي 10 هزار رپيا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ملازمن کي وڌيڪ مالي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي تعاون سان قدمن کي ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سبين عثمان خٽڪ چيو ته “اي پي پي” هڪ خاندان وانگر آهي، ان لاءِ ملازمن کي هڪ ٻئي جو احترام، پنهنجي ساٿين جي مدد ۽ گڏيل طور تي اڳتي وڌڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. هن اقليتي ملازمن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ارادي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته “اي پي پي” ۾ اقليتي برادرين جا مذهبي ڏڻ پڻ باقاعدگي سان ملهايا وڃن ٿا جن ۾ ڪرسمس به شامل آهي. تقريب دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل، پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل ۽ وقتي ايم ڊي سبين عثمان خٽڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام پڻ ڏيکاريا ويا. تقريب ۾ نعمان عادل، ناهيد تاج ۽ عبدالرحمان ملي نغما پيش ڪيا جڏهن ته قاسم ملڪ نعت رسول مقبول ﷺ پيش ڪئي. مختلف علائقائي زبانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جا پيغام پيش ڪيا ويا.

جڏهن ته ڊائريڪٽر ريجنل سروسز شوڪت چانڊيو سنڌي، ڊائريڪٽر ٽريننگ ڪاشف رضوي اردو، ثمينه چوڌري پنجابي، فرحت الله خٽڪ ۽ ڊاڪٽر واحد الله ايوب پشتو، رخشنده تاج بلوچي جڏهن ته ڊاڪٽر سعديه ڪمال سرائيڪي ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري شمائله نورين ۽ صنم جوڻيجو هيُون. تقريب ۾ ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، ڊائريڪٽر اردو نيوز سروس عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز ربنواز باجوه، انفارميشن آفيسرن عدنان اڪرم باجوه ۽ فارينه مغل سميت “اي پي پي” جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب جي پڄاڻي تي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ “اي پي پي” جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ملازمن سان گڏ آزادي جي ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪاٽيو.

مزید خبریں