ٽرانسپورٽرز سان ڪيل واعدا هر حال ۾ پورا ڪيا ويندا: وفاقي وزير عبدالعليم خان

ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته ٽرانسپورٽرز سان ڪيل واعدا هر حال ۾ پورا ڪيا ويندا ۽ موٽر وي پوليس پاران هڪ به ناجائز چالان نه ٿيڻ ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز پاران ڳالهين جي ڪاميابي تي پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو. وفاقي وزير جي ٽرانسپورٽرز جي ڪيمپ پهچڻ تي سندس شاندار …

ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته ٽرانسپورٽرز سان ڪيل واعدا هر حال ۾ پورا ڪيا ويندا ۽ موٽر وي پوليس پاران هڪ به ناجائز چالان نه ٿيڻ ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز پاران ڳالهين جي ڪاميابي تي پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو. وفاقي وزير جي ٽرانسپورٽرز جي ڪيمپ پهچڻ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن سندس حق ۾ نعري بازي به ڪئي ۽ گل به نڇاور ڪيا. ان موقعي تي گڊز ٽرانسپورٽرز اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ، وفاقي وزير کي روايتي سنڌي اجرڪ به پارايو. تقريب کي خطاب ڪندي عبدالعليم خان چيو ته ٽرانسپورٽرز ايڪسل لوڊ پاليسي جي ڀڃڪڙي نه ڪن ڇاڪاڻ ته اهو انهن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ وزن کڻڻ سان گاڏين ۽ روڊن ٻنهي کي نقصان ٿيندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم کيس ان ڪميٽي جو چيئرمين بڻائي خصوصي ٽاسڪ سونپي هئي، جنهن ۾ هو ڪامياب رهيو. ان موقعي تي گڊز ٽرانسپورٽرز اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ مطالبا منظور ٿيڻ تي حڪومت ۽ وفاقي وزير جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں