چوپائي مال جي بهترين جنسن کي محفوظ بڻائڻ واري نظام کي مضبوط بڻائي کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائي پئي وڃي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

حيدرآباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته صوبائي حڪومت چوپائي مال جي بهتر نسل کي وڌائڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي ته جيئن کير توڙي گوشت جي پيداوار کي وڌائي سگهجي. ان سلسلي ۾ مصنوعي ٻج رکڻ جي سهولتن ۾ واڌ، عالمي معيارن موجب معياري ٻج جي تياري ۽ فني طور تي تربيت يافته لائيو …

حيدرآباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته صوبائي حڪومت چوپائي مال جي بهتر نسل کي وڌائڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي ته جيئن کير توڙي گوشت جي پيداوار کي وڌائي سگهجي. ان سلسلي ۾ مصنوعي ٻج رکڻ جي سهولتن ۾ واڌ، عالمي معيارن موجب معياري ٻج جي تياري ۽ فني طور تي تربيت يافته لائيو اسٽاڪ عملي جي ڀرتي شامل آهي. صوبائي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مصنوعي طرح سان بهتر نسل جي ٻج رکڻ جي مقرر ڪيل ٽارگيٽ تي اثرائتي نموني عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ فيلڊ ۾ ٿيندڙ سرگرمين جي نگراني وڌيڪ بهتر ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته فارمرز ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ اشتهار شايع ڪرايو وڃي، جنهن ذريعي کين بهتر نسل جي مال مويشي جي ٻج جي دستيابي بابت آگاهي ملي ۽ هو کاتي پاران فراهم ڪيل ٻج جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته چوپائي مال جي ناياب نسل کي محفوظ ڪرڻ جي سهولتن بابت معلومات عام ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ مضبوط آگاهي مهم هلائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جي روزاني ڪارڪردگي کي رڪارڊ ڪري اجاگر ڪيو وڃي، جڏهن ته باقاعده ڊجيٽل رپورٽنگ ۽ عوامي آگاهي سان نگراني جو نظام بهتر ٿيندو ۽ کاتي کي ٽارگيٽ جي حاصلات ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير سڀني هٿرادو ٻج رکڻ جي مرڪزن تي ايل اين جي، جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ڪولڊ چين ميڪانيزم جي سار سنڀال کي به بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسٽاف ۽ عملي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته لائيو اسٽاڪ انسپيڪٽرن جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن، جن کي جلد ڀريو ويندو. صوبائي وزير چيو ته لائيو اسٽاڪ جي شعبي لاءِ خاص تربيت يافته فني عملي جي ضرورت هوندي آهي ۽ عام گريجوئيٽ اهي ذميواريون اثرائتي نموني نٿو نڀائي سگهي. هن چيو ته هو سنڌ حڪومت کي خاص طور تي فني شعبن ۾ ڀرتين جي موجوده طريقيڪار ۾ تبديلي آڻڻ تي غور لاءِ لکندو. صوبائي وزير چيو ته متبادل ڀرتي واري طريقيڪار تحت ڀرتين جو عمل سنڌ زرعي يونيورسٽي يا سڪرنڊ يونيورسٽي آف ويٽرنري سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي امڪان تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اينيمل بريڊنگ ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ڊائريڪٽر بريڊنگ اقتدار ميمڻ پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ 24 آرٽيفيشل انسيمينيشن مرڪز ۽ 124 سب سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي فارمرز کي اعليٰ معيار جي ٻج رکڻ جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ صوبي ۾ بهتر نسل جي چوپائي مال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چوپائي مال جي ناياب نسل کي وڌائڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ بريڊنگ ايپ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هن سال هاڻ تائين 54 هزار ٻج رکيا ويا آهن، جيڪي مجموعي مقرر ڪيل ٽارگيٽ جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آهن، جڏهن ته ان پروگرام لاءِ 126 ويٽرنري آفيسر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻج رکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عالمي معيارن موجب معياري سيمين جي تياري تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ ايڪو ڪلچر ڊولپمينٽ پروجيڪٽ پڻ جاري آهي، جنهن جو مقصد صوبي ۾ لائيو اسٽاڪ جي ناياب نسل کي محفوظ بڻائڻ آهي. گڏجاڻي جي پڄاڻي تي صوبائي وزير چيو ته اسان جو مقصد لائيو اسٽاڪ جي بهترين بريڊز کي وڌائڻ ۽ آخرڪار سنڌ ۾ کير ۽ گوشت جي پيداوار کي وڌائڻ آهي، جنهن سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ چوپائي مال پاليندڙ فارمرز کي فائدو پهچندو. اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جو ڊي جي حزب الله ڀٽو ۽ مختلف ڊائريڪٽوريٽ جا آفيسر پڻ موجود هئا.

مزید خبریں