خيبرپختونخوا جي گورنر پاران بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورتي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

پشاور- 17 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بلوچستان جي علائقي زيارت ۽ هرنائي ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورتي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر چيو آهي ته زيارت ۽ هرنائي وچ ۾ سيڪيورٽي فورسز خوارج خلاف ڪامياب آپريشن ۾ 4 دهشتگرد ماري ڇڏيا آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورتي فورسز جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. گورنر …

پشاور- 17 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بلوچستان جي علائقي زيارت ۽ هرنائي ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورتي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر چيو آهي ته زيارت ۽ هرنائي وچ ۾ سيڪيورٽي فورسز خوارج خلاف ڪامياب آپريشن ۾ 4 دهشتگرد ماري ڇڏيا آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورتي فورسز جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. گورنر چيو ته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي سيڪيورٽي ادارن جي موثر حڪمت عملي جو ثبوت آهي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اڻٽر آهي.

مزید خبریں